دوا سازي ۾ سنڌ پوئتي ڇو آهي؟ اياز خاصخيلي

دوا سازي ۾ سنڌ پوئتي ڇو آهي؟ اياز خاصخيلي

اڄ دنيا ۾ 25 سيپٽمبر تي هر سال جيان دوا سازي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ ٻه ڏينهن اڳ 94 دوائن جو اگهه وڌايو ويو آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته پراڻين دوائن جي اگهن تي نظر ثاني ضرور ي هئي جيڪڏهن ايئ.ن نه ڪريون ها ته اهي دوائون مارڪيٽ مان غئب ٿي وڃن ها ۽ بليڪ تي وڪرو ٿين ها. ڪجھ ڏينھن پھريان صحت جي عالمي اداري جا دوائن ، مريضن ۽ اسپتالن جي حوالي سان جاري ڪيل انگ اکر ڏسڻ جو موقعو مليو. آھي انگ اکر ڪجھ ھن ريت ھئا ته دنيا ۾ ھر ڏھن ماڻھن مان ھڪ ماڻھو جي موت جو سڀ کان وڏو ڪارڻ مرض نه پر دوائون ۽ انھن جو استعمال آھي. اگر امير ملڪن کي ڏسجي ته اسپتال داخل ٿيندڙ ھر ڏھن مان ھڪ مريض کي دوائن جي ڪري ڪافي مسئلا ٿين ٿا جن مان پنجاه سيڪڙو مسئلن کان بچي سگھجي ٿو. اگر  اسان جھڙي ملڪ وانگر ترقي پذير ۽ غريب ملڪن کي ڏسجي ته 134 ملين دوائن جي استعمال سبب ناپسنديده واقعا ٿين ٿا جنھن سبب 2.6 ملين سالانه ماڻھو موت جو کاڄ ٿين ٿا. عالمي سطح تي ھر ڏھن مان چار مريض شروعاتي طور اوپي ڊي يا ٻاھرين ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ سان مسئلن جو شڪار ٿين ٿا جن مان اسي سيڪڙو مسئلن کان بچي سگھجي ٿو. ياد رھي ته آھي مسئلا خصوصي طور سھي ڊائيگنوسس نه ڪرڻ سان گڏ سھي دوائون نه لکڻ ۽ وٺڻ جي ڪري پئدا ٿين ٿا. اگر باريڪ بيني سان ڏسجي ته مٿي ٻڌايل صحت جا مسئلا صرف مسئلا ناھن پر انھن مسئلن سبب ملين ٽرلين ڊالر نا راه خدا نہ ئي وري راہ رسول خرچ ٿين ٿا. جيڪڏھن اسين انھي صحت ۽ ڌن جي نقصان جي سببن سان گڏ ذميوار جي ڳولا ڪنداسين ته ناڪاره صحت جي نظام سان گڏوگڏ ڊاڪٽر جن ۾ عطائي ڊاڪٽر به اچي وڃن ٿا پر وڏي ۾ وڏو سبب اسانجي صحت جي سسٽم ۾ فارماسسٽ جو نه ھجڻ يا اٽي ۾ لوڻ ھجڻ برابرآھي. فارماسسٽ کي اسين آسان زبان ۾ دواساز چوندا آھيون جنھن جو ڪم دوائن جي تحقيق کان وٺي ڪري ٺاھڻ ، وڪڻڻ ، استعمال ڪرڻ کان ويندي دوا جي فائدي يا نقصان ڏيڻ تائين آھي. اصولي طور فارماسسٽ دنيا ۾ صحت جو ھڪ مڃيل شعبو آھي يورپ ،عرب ملڪن سان گڏ دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ فارميسي جي شعبي کي ھڪ اھم مقام آھي بلڪه يورپ ۾ ته فارماسسٽ نوڪرين ۽ مراعتن ۾ پھرين نمبر تي آھي ڇوته اتي فارماسسٽ صحتمند معاشري جو ضامن آھي. فارماسسٽ جي ذميوارين جو اگر جائزو وٺجي ته ھو ڊاڪٽر جي لکيل نسخي مطابق دوائن کي يقيني بڻائيندو آھي، دوا ۽ کاڌي جي استعمال سان ٿيندڙ نقصانن جي باري ۾ ڊاڪٽر توڙي مريض کي آگاھي ڏيندو آھي. فارماسسٽ دوائن جي سھي استعمال ڪرائڻ سبب دوائن توڙي صحت جي معاملن تي ايندڙ خرچن ۾ گھٽتائي ڪري ٿو. وقت سان گڏ ايندڙ نئين بيمارين توڙي وبائن جي حوالي سان  دوائن ۽ ويڪسين تي تحقيق ڪرڻ کان وٺي ٺاھڻ ۽ پھچائڻ جو ڪم به فارماسسٽ جو ئي آھي.اسين صحت جي سھوليتن ۾ دنيا جھڙا ته ڪونه آھيون پر پوئي به پنھنجي ملڪ پاڪستان ۾  فارماسسٽ کي ڏسون ته پنجاب ۾ قدرن بھتر پوزيشن ۾ آھن ڇوته اتي بي ايڇ يو کان ويندي وڏين اسپتالن ۾ فارماسسٽ ۽ تعلقي ليول تي ڊرگ انسپيڪٽر آھن، پرائيوٽ سيڪٽر ۾ به ڪافي فارماسسٽ نوڪريون ڪن پيا جن ۾ فارماسيوٽيڪل انڊسٽري ، ميڊيڪل اسٽور ، چين فارميسيز شامل آھن . ساڳي طرح خيبر پختون خواه ۽ بلوچستان ۾ اتان جي صحت  نظام تحت فارماسسٽ  ڪافي بھتر نموني شامل آھن. سنڌ ۾ ھن وقت سرڪاري طور ٻه سؤ کن فارماسسٽ سنڌ جي مختلف ٽيچنگ اسپتالن ۾ ڪم ڪري رھيا آھن جڏھن ته پرائيوٽ سيڪٽر جي اسپتالن آغا خان اسپتال، انڊس اسپتال ، لياقت نيشنل اسپتال سميت وڏين اسپتالن ۾ فارماسسٽ پنھنجيون ذميواريون نڀائن پيا. جڏھن ڪراچي ۾ نيشنل توڙي ملٽائي نيشنل ڪمپنين ۾ به فارماسسٽ ڏينھن رات ذميواريون نڀائڻ ۾ مصروف آھن. سنڌ ۾ سرڪاري طور تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ صحت جي  عالمي اداري جي گائيڊ لائين مطابق پنجاھ بسترن تي ھڪ فارماسسٽ لازمي ھجڻ واري فارمولي مطابق اڃا عمل نه ٿي سگھيو آھي ۽ نه وري سنڌ ۾ ڊرگ انسپيڪٽرن جي تعداد پوري آھي جنھن تحت سوين فارماسسٽ سرڪاري نوڪرين جا منتظر آھن. سنڌ جي صحت کاتي  ۾ ڪافي وقت کان فارميسي جي شعبي کي پوئتي رکيل ھيو پر فارماسسٽن جي تنظيمن جھڙوڪ پاڪستان فارماسسٽ ايسوسيئيشن سنڌ ، حيدرآباد چيپٽر ۽ انفرادي طور تي جي مسلسل جدوجھد کانپوء پيپلز پارٽيءَ جي ھن حڪومت پنھنجي صحت جي ترجيحات ۾ تبديلي آڻيندي ڪافي ڪم ڪيا آھن جيڪو ھڪ ساراھ جوڳو عمل آھي. سنڌ جي فارميسي ڪائونسل به ڪافي وقت کان فعال نه ھجڻ سبب شعبي کي ڪافي نقصان پھتو ۽ وڏو نقصان فارميسي جي شاگردن جو ٿيو جن کي رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ مختلف مرحلن کان گذرڻ باوجود سرٽيفيڪيٽ جي لاءِ سالن جا سال انتظار ڪرڻو پيو. پر الله الله ڪري انھي فارميسي ڪائونسل کي به فعال ڪيو ويو، فارميسي ايڪٽ جي ڪافي ڀڃڪڙين ۽ تڪڙ سبب پورا ڪيل پراسس سواليه نشان تي آھن جنھن جو سبب پوري سنڌ مان سڀني اسٽيڪ ھولڊرن کي ھڪ ٽيبل تي ويھاري فيصلا نه ڪرڻ ٿي سگھي ٿو. جنھن سبب خدشو آھي ته فارميسي ڪائونسل جي تازو ٿيل جوڙجڪ قانوني مونجهارن جو شڪار ٿي وڃي ۽ وري ساڳيا ماضي وارا قصه شروع ٿي وڃن. انھن چئيلينجز کي سامھون رکندي فارميسي شعبي جو روشن خيال طبقو ڏينھن رات ڪوشش ۾ آھي ته انھن ممڪنہ پيچيدگين جو اڳواٽ حل ڪڍجي جئين وري ڪنھن نئين امتحان کان بچي سگھجي. فارماسسٽن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان ڪورونا وبا ۾ عبدالستار ايڌي جو ڪردار ادا ڪندڙ نوجوان فارماسسٽ اڳواڻن ڊاڪٽر مھيش ڪمار ، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شر ، ڊاڪٽر آصف سميت انھن دوستن جو ذڪر نه ڪجي ته زيادتي ٿيندي. جڏھن پوري دنيا ، ڊاڪٽر، فارماسسٽ ، پيراميڊڪس پنھنجي پنھنجي پريشانين ۽ ذميوارين ۾ مصروف ھيا ته مٿي ڄاڻايل دوستن انھن حالتن ۾ گھر کان نڪري ڪري پوري سنڌ جي اسپتال ۾ ڪورونا خلاف جنگ ۾ شامل فارماسسٽن کي سندن گھرن تي بچاء واريون ڪٽون پھچايون ۽ مسلسل رابطي ۾ رھيا. نه رڳو فارماسسٽ ڪميونٽي پر ھزارن جي تعداد ۾ عام ماڻھن ۾ ھينڊ سينيٽائيزر ورھايا ۽ انھن کي ڪورونا جي تباھ ڪارين بابت ڄاڻ ڏني. ھن وقت سنڌ م سنڌ يونيورسٽي، لطيف يونيورسٽي، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي، شھيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ، ڪراچي يونيورسٽي، ھمدرد يونيورسٽي، ڊائو يونيورسٽي، بقائي ۽ ضياالدين يونيورسٽي کانسواءِ وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ فارميسي جي تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ فارميسي جو ڊگري ڪورس پنجن سالن جي عرصي تي محيط آھي. ايم بي بي ايس کان پوئي ميڊيڪل جي فيلڊ ۾ فارميسي سڀ کان پسنديده فيلڊ آھي ۽ روزگار جي حساب سان فارميسي گريجوئيٽ نوي فيصد نوڪري حاصل ڪري وٺندا آھن. اسانجو نوجوان فارميسي جي فيلڊ ۾ اچي ڪري پنھنجو پاڻ کي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي مڃرائي سگھي ٿو جنھن جي ھو صلاحيت رکي ٿو. ضرورت ان امر جي آھي ته سنڌ ۾ صحت جي سھوليتن کي وڌيڪ موئثر بنائڻ جي لاءِ ھڪ مڪمل نظام ٺاھڻ گھرجي جنھن ۾ ڊاڪٽر سان گڏ فارماسسٽ کي برابر جي سطح تي ذميواريون ڏنيون وڃن، ميڊيڪل اسٽور جو پورو بزنس فارماسسٽن جي نگراني ۾ ڏيئي ڪري دوائن جا ڪارا ڌنڌا بند ڪرائڻ گھرجن، ڊرگ انسپيڪٽرن کي ھاسپيٽل فارماسسٽن سان تبديل ڪندو رھڻ وارو قانون آڻي ڪري ھڪ ھٺي ختم ڪئي وڃي، انھي سان گڏ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپتالن اندر  پنجاھ بسترن تي فارماسسٽ لازمي قرار ڏئي ڪري سنڌ جي صحت نظام ۾ وڏو ريفارم آڻي سگھجي ٿو. 

پهنجو تبصرو موڪليو