اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي يعني نيپرا بجلي جي اگهن م هڪ روپيو 62 پيسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اگهن ۾ واڌ جو هي فيصلو ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ باقي سمورين ڪمپنين تي لاڳو هوندو. هن واڌ سان بجلي ورهائڻ واريون ڪمپنيون 165 ارب روپيا حاصل ڪري سگهنديون. گذريل 6 مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ هي واڌ منظور ڪئي وئي آهي.نيپرا ترجمان موجب وفاقي حڪومت پاران نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد هي واڌو اگهه لاڳو ڪيا ويندا. ترجمان موجب جولاءِ 2018 کان صارفين کان لائين لاسز ۽ ٻين مدن ۾ وصول ٿيندڙ هڪ روپيو 56 پيسا سرچارج في يونٽ 30 سيپٽمبر کان ختم ڪئي ويندي.










