اپوزيشن وارن تنقيد ڪري ڀارتي لابي کي خوش ڪيو، خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اي پي سي ۾ اپوزيشن جماعتن حڪومت ۽ رياستي ادارن تي تنقيد ڪري ڀارتي لابي کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اي پي سي جي فيصلن سان ڪنهن کي به پريشان نه ٿيڻ گهرجي. اهڙو اظهار وزيراعظم عمران خان پارٽي ترجمانن جي اجلاس دوران ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن ڪرپشن ڪيسن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ واويلا پئي ڪري. اجلاس ۾ سوشل ميڊيا ٽيم جي نمائندن ۽ شبلي فراز سميت ڪجهه وزيرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اپوزيشن جي حڪومت مخالف فيصلن ۽ ملڪگير تحريڪ جي اعلان تي به صلاح مشورا ڪيا ويا، وزيراعظم چيو ته اي پي سي ۾ موجود چهرن ۽ سندن ذاتي مقصدن کان قوم آگاهه آهي، ملڪ جا سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري رهيا آهن، اپوزيشن جي ادارن تي تنقيد غيرمنطقي ۽ پنهنجي ڪرپشن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، ذريعن موجب وزيراعظم اي پي سي جي ٺهراءُ جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه وزيرن کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو