جاپان ۾ سپر اسٽورز تي ڪم ڪار لاءِ روبوٽ تيار

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)ٽيڪنالوجي جو نالو کڄندي ئي جاپان جو نالو به ذهن ۾ ايندو آهي. جاپان ۾ نوجوانن جي تعداد ۾ گهٽتائي سبب ليبر فورس ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي. جاپان ۾ هر ٽيون شخص 65 سالن جي ڄمار جو آهي. اهوائي سبب آهي ته جاپان جي ٻن وڏن سپر اسٽورز جي چينز، لاسن ۽ فيملي مارٽ سڄي ملڪ جي اسٽورز تي روبوٽ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيڪي سامان ريڪس ۾ رکڻ سميت سڄو ڪم ڪندا.

سي اين اين جي رپورٽ موجب هنن روبوٽس کي ٻه ٻه هٿ آهن ۽ هر هٿ ۾ ٽي ٽي آڱريون آحن. انهن م لڳل ڪيمرا ۽ سينسر آرڊر ڏيڻ تي سامان کڻي گراهڪ کي ڏيندا. روبوٽس کي ڪو به شخص ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو. روبوٽ 7 فوٽ مٿي تائين ٻانهن ڊگهي ڪري سامان رکي ۽ کڻي سگهي ٿو. ورچوئل رئيلٽي ٽيڪنالوجي ذريعي هلندڙ هنن روبوٽن جي استعمال جا اڃا تجربا ٿي رهيا آهن. ياد رهي ته جاپان ۾ ڪجهه هوٽل اڳ ۾ ئي روبوٽ استعمال ڪري رهيا آهن جيڪي مهمانن جو سامن ڪمري تائين پهچائڻ، صفائي ڪرڻ، ماني فراهم ڪرڻ ۽ ٿانو ڌوئڻ سميت هر ڪم ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو