مراد علي شاهه جو دورو، اهم شخصيتون پي پي ۾ شامل

خانپورمهر(رپورٽ آفتاب سيال) خانپورمهر وزير اعلي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا جي اهم ميمبرن سان گڏ خانڳڙهه پهچي رهيو آهي. هو سردار محمد بخش خان مهر جي مانجهاندي ۾ شرڪت بعد ڳڙهي چاڪر ويندو. جتي گهوٽڪي جي اهم شخصيتن پاران وزير اعلي جي موجودگي ۾ پ پ ۾ شموليت جو امڪان آهي. اڳوڻي وڏي وزير سردار علي محمد خان مهر جو فرزند احمد علي خان مهر ۽ سردار رحيم بخش خان بوزدار به پ پ ۾ شموليت جو باضابطه اعلان ڪندا. وزير اعلي سنڌ ڳڙهي چاڪر ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو. وزير اعلي سنڌ توڙي وزيرن جي آمد کان اڳ خانڳڙھ ۽ ڳڙهي چاڪر ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن.خانڳڙھ ۾ 200 ماڻهن جي مانجهاندي جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو