عالمي بئنڪ پاران سنڌ ۾ ننڍن ڊيمز لاءِ 20 ڪروڙ ڊالرمنظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ سنڌ کي قدرتي آفتن سان نمٽڻ لاءِ پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ ننڍا ڊيم ٺاهڻ لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. ‘سنڌ ريسيليئنز پروجيڪٽ’ تي هي رقم خرچ ٿيندي. خشڪ سالي کي منهن ڏيڻ، بارش ۽ سيلاب وقت پاڻي جمع ڪرڻ ۽ واٽر ريچارج لاءِ هي ننڍا ڊيم، دادو، ڄامشورو، ٺٽو، ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ۾ قائم ڪيا ويندا.

Screen Shot

عالمي بئنڪ جي رپورٽ موجب سنڌ۾ مٺي پاڻي جي فراهمي جو وڏو ذريعو سنڌو درياءُ آهي جنهن تي 3 بيراج ٺهيل آهن جتان 14 وڏن واهن کي سراسري طور 48 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي فراهم ٿيندو آهي. سنڌ جي 80 سيڪڙو زرعي آبادي کي غير موزون پاڻي فراهم ٿي رهيو آهي. سنڌو درياءَ جي کاٻي پاسي مٺو پاڻي ساڄي پاسي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي پر موسمياتي تبديلين سبب سنڌ کي هاٽ اسپاٽ تصور ڪيو ٿو وڃي. سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ ميرپور خاص کي غير محفوظ ضلعا قرار ڏنل آهن جتي خطرناڪ ماحولياتي چيليجز درپيش آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو