قتل ڄاڻايل عورت ٻن مهينن بعد جيئري، ٿاڻي تي پيش

مبارڪپور(ن سنڌيار) ڳوٺ رضا محمد جعفري جي ٻن مهينن کان قتل ڄاڻايل پرڻيل ڇوڪري سڀائي اوچتو جيئري ٿي وئي، وارث ساڻ ڪري ٿاڻي تي پهچي وئي. عورت ڊرامائي انداز ۾ رات دير سان وارث ساڻ ڪري مبارڪپور ٿاڻي تي پهچي وئي جنهن کي سومر ڏينهن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، عورت جي وارثن پاران عورت کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ سندس مڙس ۽ ڏيرن مٿان ڪيس داخل ڪرائي کين گرفتار ڪرايو  ويو هو. سڀائي جو مڙس گلزادو جعفري ۽ سندس 4 ڀائرن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو. جنهن تي مبارڪپور پوليس عورت جي مڙس ۽ سندس ڀائرن کي  گرفتار ڪري ورتوهو. عورت جي وارثن سندس مڙس گلزادو مٿان الزام مڙهيو هئو ته هن کيس قتل ڪري لاش بيگاري ڪينال ۾ لوڙهي ڇڏيو هو هوڏانهن ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته مائي سڀائي کي پنڻ جي لاءِ پنجاب جي شھر موڪليو ويو هئو پوليس جو زور وڌئن ڪري کيس پيش ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو