سيڪورٽي فورسز سان مقابلي ۾ 4 شدت پسند مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ديسڪ) بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ سيڪورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو وي ته دهشتگردن ڪافي مزاحمت ڪئي جنهن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران هٿيارن جو وڏو ذخيرو ۽ مواصلاتي اوزار به هٿ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته دهشتگردن جي ڳجهي ٺڪاڻي کي لاجسٽڪ بيس سميت تباهه ڪيو ويو. ياد رهي ته پهرين سيپٽمبر تي قابو مهران جي علائقي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪماندر محمد نواز عرف سنڌي مارجي ويو هو. ان کان اڳ 19مئي تي مڇ ۽ ڪيچ ۾ دهشتگردن جي ٻن ڪارواين ۾ 7 سيڪورٽي اهلڪار شهيد ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو