پير بخش پياسي جي ياد ۾ ميڙاڪو، ساس پاران ڀيٽا پيش

ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي)سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران نامياري شاعر , اديب , ساس جي اڳوڻي سيڪريٽري , تعليمي ماهر پروفيسر پير بخش پياسي جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو ٿي گذريو , ميڙاڪي کي نامياري تعليمي ماهر , شاهه لطيف جي شاعري جي پارکو , پروفيسر پير بخش پياسي جي جي ڀاءُ استاد عبدالڪريم سومري, ساس جي عهديدارن، اعظم ڀٽي , آغا جان آغا , نثار احمد ناز , مختيار نظاماڻي , اعجاز جسڪاڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پروفيسر پير بخش پياسي بهترين شاعر , نامور تعليمي ماهر , جاکوڙي انسان , سٺ جي ڏهاڪي ۾ ساس جو متحرڪ سيڪريٽري رهيو , سٺ کان نوي جي ڏهاڪي تائين سندس علمي ۽ ادبي ڪردار وڏي اتساهه جو سبب رهيو , تعليمي حوالي سان هن سوين شاگرد پيدا ڪيا , جيڪي اڄ به اعلي’ عهدن تي پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن , هن ٻاراڻي ادب کان لکڻ جي شروعات ڪئي اڌ صديءّ کان وڌيڪ سنڌي ٻولي , علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي , سندس وڇوڙو سنڌي ٻولي , علم ۽ ادب لاء ڪنهن سانحي کان گهٽ ناهي . تعزيتي ميڙاڪي بعد ٻي نشست ۾ ساس شاخ ٽنڊو محمد خان جي هفتيوار دستوري ادبي ويهڪ استاد عبدالڪريم سومرو جي صدارت ۾ ٿي گذري , ويهڪ ۾ شاخ جي سيڪريٽري آغا جان آغا ” غزل” , کيمچند شرما نظم” , نثار احمد ناز” وائي ,  عاشق علي ڳاهو “غزل ” , محمد علي صارم سرهيو “غزل” , مختيار نظاماڻي” هنر ” پيش ڪيو , جن تي ساس جي ضلعي رابطه سيڪريٽري اعظم ڀٽي , گل خاصخيلي , رفيق آس لغاري , سيد اسلم شاهه , گل محمد سومرو , پير ماجد جان سرهندي , محبوب لغاري , ارمان خاصخيلي , غلام نبي خاصخيلي , خداڏنو لغاري, قائم رند , ڇٽو خاصخيلي , مولوي ممتاز کوسه , قاضي طفيل ميمڻ , جان محمد لغاري , فيصل ميمڻ , ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي ,اعجاز جسڪاڻي , محمد اشرف سٺيو ۽ ٻين اصلاحي ۽ تنقيدي رايا ڏنا , وقتي صدر استاد عبدالڪريم سومري چيو ته دوستن جون محنتون جس لائق آهن .

پهنجو تبصرو موڪليو