پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون ملازمن جو احتجاج

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون)ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پگهار ۽ پينشن نه ملڻ خلاف ٽائون آفيس آڏو احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو، جنهن م ٽائون آفيسر به شريڪ ٿيو. ٽائون جي 260 حاضر سروس ملازمن ۽ 40 پينشنرن کي آگسٽ مھيني جي پگهار 20 ڏينهن گذرڻ با وجود به نه ملي۔ جڏهن ته پگهار جاري نه ٿيڻ سبب ٽائون ملازم ۽ پينشنر فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. انهي موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ملازمن برڪت خواجه, سخاوت بلوچ, نارائڻ داس, نبيل پاٽولي, اسدالله خاصخيلي, عنايت الله انڙ, شڪيل ميمڻ, مختيار خواجه, حبيب الله, شاهد ميمڻ, پپي مسيح ۽ ٻين چيو ته اڄ 20 ڏينهن گذري ويا آھن اسان کي پگهار نه ملي آهي هنن چيو ته اسان جا ٻچا بک تي ويٺل آھن ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آھن اسان جي گهرن ۾ کائڻ پيئڻ لاء ڪجهه به ناهي اسسٽنٽ ڪمشنر چيڪن تي صحيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو  ته جلد کان جلد ملازمن جي پگهار جاري ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري حيدرآباد ٽنڊوباگو روڊ تي ڌرڻو هينو ويندو. ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر غلام نبي سولنگي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڃان تائين بجيٽ جي منظوري ناهي ملي ۽ قانوني ڪاروائي مڪمل ڪري پگهارون جاري ڪنداسين. هن چيو ته قانون موجب ڀرتي ٿيل ملازمن کي ئي پگهار ملندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو