سرينا فائز عيسيٰ ساڍن ٽن ڪروڙن جو نوٽيس رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جستس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر واري سرينا فائز عيسيٰ ايف بي آر پاران ساڍا ڪروڙ روپيا ٽيڪس ادا ڪرڻ بابت موڪليل نوٽيس رد ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته سندس موقف ٻڌڻ کانسواءِ هڪ طرفو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي هوءُ مذمت ڪري ٿي ۽ ان خلاف اپيل داخل ڪندي. هن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر سندس پگهار، زرعي زمينن ۽ ڪراچي ۾ وڪرو ڪيل جائيداد واري آمدني ڳڻپ ۾ نٿي آڻي جيڪو عمل سندن بدنيتي کي ظاهر ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ٽيم، جنهن ۾ وزير قانون فروغ نسيم، مشير مرزا شهزاد اڪبر، اڳوڻو اٽارني جنرل انور منصور خان، ‘غير آزاد’ ايف بي آر مان محمد اشفاق ۽ زوالفقار احمد گڏجي سندس خلاف ڪوڙو ڪيس تيار ڪيو آهي.ڄاڻي واڻي ايف بي آر جي چيئرمين نوشين امجد کي هٽائي من پسند آفيسر مقرر ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ايف بي آر ڪمشنر اشفاق کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو اڳ ۾ ئي اسنجي خلاف راءِ ڏئي چڪو هو. هن چيو ته هوءَ ڪراچي ۾ ٽيڪس ريٽرن فائيل ڪندي رهي آهي ته جاچ به ڪراچي جي ڪنهن آفيسر کي ڏني وڃي. هن چيو ته ان آفيسر لکيو آهي ته 25 جون 2020 تي مون نوٽيس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، حالانڪه ان ڏينهن منهنجووالد فوت ٿيو اسين تدفين ۾ مصروف هئاسين. هن ٻڌايو ته جنهن ٽيڪس ڪنسلٽنٽ سان هوءَ رابطو ڪري ٿي ان کي ڌمڪيون ملن ٿيون ۽ منهنجي مڙس کي مليل ڌمڪيون به رڳو اتفاق ناهي. هن چيو ته انڪوائري دورن مون جيڪي به ثبوت پيش ڪيا انهن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي ۽ مان ان خلاف اپيل ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو