مارننگ شو جي ميزبان تنقيد بعد معافي وٺي ڇڏي

مارننگ شو جي ميزبان تنقيد بعد معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي (ويب ديسڪ)نجي ٽي وي جي مارننگ شو جي ميزبان ندا ياسر زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل 5 سالن جي مروه جي والدين کي شو ۾ گهرائي انهن کان جذباتي ۽ غيرسنجنده سوال ڪرڻ تي معافي وٺي چڏي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ندا ياسر پنهنجي مارننگ شو ۾ مروه جي والدين کان واقعي بابت اهڙا سوال ڪيا هئا جو هو روئي ويٺا هئا. ندا ياسر جي اهڙي قدم تي سوشل ميڊيا تي مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ کيس بيحس قرار ڏيندي ڪجهه صارفين سندس شو تي پابندي جو مطالبو ڪيو هو. ٿيندڙ تنقيد بعد ندا ياسر هڪ وڊيو پيغام ذريعي ماڻهن کان معافي ورتي ۽ چيو ته مون مروه جي فيملي کي شو ۾ نه گهرايو هو پر هنن پاڻ مون سان رابطو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو