لائيو اسٽاڪ ۽ اينيمل ھسبينڊري آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ هٿ

ٺٽو(ڊ ر)ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو زون جاويد احمد ھاليپوٽو جي ھدايتن تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن ٺٽو ملڪ نذير احمد ۽ سب انسپيڪٽر علي غلام زرداري جي اڳواڻي ۾ ٿرڊ سول جج ۽ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ مڪلي تي لائيو اسٽاڪ ۽ اينيمل ھسبينڊري ٺٽو جي آفيس تي ڇاپو ھڻي 3 سالن 2017،18ع،  2018،19ع ۽ 2019،20ع  جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جانچ شروع ڪري ڏني آھي. صحافين سان ڳالھائيندي اينٽي ڪرپشن ٺٽي جي سرڪل آفيسر ملڪ نذير احمد چيو ته لائيو اسٽاڪ ۽ اينيمل ھسبينڊري کاتي ٺٽي ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آھي، تيل خرچن، گاڏين جي مرمت، دوائن سميت ٻي مد ۾ ڪروڙين رپين جو قومي خزاني کي کاٽ ھنيو ويو آھي، ھن چيو ته 3 سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي جانچ شروع  ڪئي ويئي آھي، ابتدائي جانچ ۾ وڏيون گھوٻيون نظر اچي رھيون آھن. ھن چيو ته ڇاپي دوران ڪابه گرفتاري نه ٿي آھي پر جانچ مڪمل ڪري ذميوارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ھيڊ محرر احمد علي ميمڻ سميت اينٽي ڪرپشن جو ٻيو عملو به موجود ھو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو