شوبز شخصيتن پاران سوشل اڪائونٽ معطل؟

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪاره ۽ ماڊل ڪم ڪردشيان ۽ ٻين ڪيترين ئي شوبز شخصيتن نفرت آميز پروپيگنڊه ۽ غلط معلومات ڦهلائڻ تي پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽس احتجاج طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪم ڪردشيان انسٽاگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو آهي ته سوشل ميڊيا تي غلط معلومات ڦهلائڻ جا ڪيترائي سنجيده اثر پيدا ٿين ٿا. هن ۽ ٻين شوبز شخصيتن طرفان سوشل ميڊيا اڪائونٽس جو بائيڪاٽ سول سوسائٽي طرفان شروع ڪيل اسٽاپ هيٽ فار پرافٽ مهم جو حصو آهي. ان مهم ليونارڊو ڊي ڪيپريو، ساشا بيرون، جينيفر لارنس ۽ گلوڪارا ڪيٽي پيري سميت  اهم شوبز شخصيتون پنهنجو سوشل ميڊيا اڪائونٽس 24 ڪلاڪن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي.ڪم ڪادريشان سوشل ميڊيا تي وڌيڪ ليکيو آهي ته آئون سوشل ميڊيا پليٽ فارمز طرفان نفرت، پرپپيگنڊه ۽ غلط معلومات ڦهلائڻ جي معاملي تي چپ ڪري نه ويهنديس.

پهنجو تبصرو موڪليو