يوشيدي سُگا 314 ووٽ کڻي جاپان جو وزيراعظم چونڊجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ حڪمران پارٽي جو نامزد اميدوار 71 سالن جو يوشيدي سُگا وزيراعظم چونڊجي ويو آهي. هن 462 ميمبرن جي ايوان ۾ 314 ووٽ حاصل ڪيا. حڪمران جماعت ايل ڊي پي، يوشيدي سُگاڪونيا کي وزيراعظم لاءِ نامزد ڪيو ويو هو. جاپان جي وزيراعظم شنزو آبي گذريل مهيني صحت جي خرابي سبب استعيفيٰ ڏني هئي. جاپان دينا جي ٽئين وڏي معيشت آهي جيڪا ڪورونا سبب سخت متاثر ٿي آهي، جاپان جي ڪل آبادي جو ٽيون حصو 65 سالن کان وڏي ڄمار وارن ماڻهن تي مشتمل آهي. معيشت جي بحالي ۽ نوجوانن جي آبادي وڌائڻ هن لاءِ ٻه وڏا چيلينج آهن. سُگا ان کان اڳ ڪيبينٽ سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو هو جيڪو عهدو وزيراعظم کان پوءِ اهم سمجهو ويندو آهي. جاپان جو بادشاهه کائنس حلف وٺندو ۽ هو ڪابينا جوڙيندو. هو اڳ ۾ مستعفي وزيراعظم جي پاليسي جاري رکڻ جو اعلان ڪري چڪوآهي.

پهنجو تبصرو موڪليو