حڪومت کي سينٽ ۾ شڪست، گڏيل سيشن گهرائڻ جي تياري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار دهشتگردي جي روڪٿام وارو ترميمي بل سينيٽ مان منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام، سينيٽ جي ميمبرز اڪثريتي راءِ سان ترميمي بِل کي رد ڪري ڇڏيو، ووٽنگ دوران بل جي حمايت ۾ 31 ۽ مخالفت ۾ 34 ووٽ پيا، بل رد ٿيڻ کانپوءِ سينيٽ چيئرمين اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.  اپوزيشن جو چوڻ آهي ته حڪومت ايف اي ٽي ايف جو بهانو بڻائي ڪنهن کي به مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ غائب ڪرڻ ۽ خفيه نگراني ڪرڻ، ڪمپيوٽر يا فون جي نگراني ڪرڻ جو اختيار چاهي ٿي جيڪو غير آئيني آهي. حڪومت اهڙي صورتحال بعد پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ لاءِ مشورا ڪري پئي جنهن مان اهو بل منظور ڪرايو ويندو. اپوزيشن جي سڀني جماعتن رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن ۽ گڏيل سيشن ۾ سڀني ميمبرن جي حاضري يقيني بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته ايف اي ٽي ايف جو سبب ڄاڻائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ لاءِ رد ڪيل هي ٽيون بل آهي. اڳ ۾ حڪومت ڪنهن کي به 6 مهينن تائين بنا عدالتي اجازت جي قيد ڪرڻ جو بل پيش ڪيو هو جيڪو به رد ڪيو ويو هو. حڪومت جو موقف آهي ته عدالتي اجازت سان شڪ جي بنياد تي ڪنهن به شهري جي فون يا ڪمپيوٽر مان مواد کڻڻ ۽ ان تائين خفيه رسائي جو هي بل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو