ڪي ڊي اي جي ٻن آفيسرن جو قتل ڪيس حفيظ تي داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سِوڪ سينٽر جي ٽئين فلور تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪي ڊي اي جا 2 اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم عثماني ۽ وسيم رضا قتل ٿي ويا، جڏهن ته سپرنٽنڊنٽ حفيظ زخمي آهي. نيو ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او صفدر بروهي موجب قتل ڪيس زخمي حفيظ تي داخل ڪيو ويوآهي. حفيظ ڏوهه جو اقرار ڪندي چيو ته ڪافي عرصي کان ٻئي آفيسرڪم نه پيا ڏين، حالات خراب هئا، کين منٿون ڪيم پر هو نه پيا مڃن. مان گهران تيار ٿي پسٽل کڻي آيس، کين ڌماڪيم ته هنن ڪمري ۾ بند ڪري تشدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مون دفاع ۾ فائرنگ ڪئي. پوليس چيو آهي ته فائرنگ جو واقعو ڪي ڊي اي جي لينڊ ڊپارٽمينٽ ۾ پيش آيو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿيو. پوليس ڪمري مان پسٽل ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو