گڏيل قومن ڪشمير کي وري ايجنڊا ۾ شامل ڪري ڇڏيو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جو ساليانو اجلاس شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ ڪشمير مسئلو به ايجنڊا ۾ شامل آهي. ڪشمير کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل نه ڪرڻ بابت ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن. پاڪستان جي مستقل نمائند منير اڪرم جو چوڻ آهي ته  وزيراعظم عمران خان 25 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ هو عالمي برادري تي زور ڀريندو ته هو ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019 تي ڪيل هڪ طرفا قدم واپس ڪري 21 اپريل 1948 جي گڏيل قومن جي منظور ڪيل ٺهراءُ موجب ڪشميرين کي خود اراديت جو حق ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو