‘نيب کي بنا وارنٽ ڇاپن ۽ ليڊي پوليس بنا تلاشي جو اختيار ناهي’

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سهيل انور سيال ۽ سندس مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، نيب طرفان گهرن تي ڇاپا روڪڻ بابت صوبائي وزير سهيل انور سيال طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي. سنڌ هاءِ ڪوٽ ۾ سهيل انور سيال نيب جا ڇاپا روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي، سهيل انور سيال جو چوڻ هو ته ضمانت تي هجڻ جي باوجود مسلسل گهرن تي بنا وارنٽ ڇاپا هنيا پيا وڃن، نيب کي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪيو وڃي، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته نيب بنا وارنٽ ڇاپا نه هڻي ۽ نيب کي اهڙو ڪو به اختيار ناهي. عدالت چيو ته قانوني ڪاروائي جي صورت ۾ ليڊي پوليس ساڻ کڻڻ گهرجي. عدالت نيب کي سهيل انور سيال ۽ سندس مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت سهيل انور، ظفر سيال ۽ جميل سومرو جي عبوري ضمانت ۾ 12 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته ٻن سالن کان نيب انڪوائري مڪمل ناهي ڪئي بنا وارنٽ ڇاپا هڻي پريشان ٿا ڪن. منهنجي مرحوم چاچي جي گهر به ڇاپو هنيو ويو، جنهن ملڪيت بابت جاچ ٿا ڪن اها ابن ڏاڏن جي خانداني ملڪيت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو