پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري جي مارجڻ جي دعويٰ

پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري جي مارجڻ جي دعويٰ

سکر (جئيرام داس )ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعويٰ ڪئي آهي ته دادلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو ٿيو، جنهن دوران هڪ جوابدار مارجي ويو. ايس ايس پي موجب مارجي ويل جوابدار جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس قبضي مان ڪلاشنڪوف هٿ آئي آهي. ايس ايس پي ٻڌايو ته مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار جا ساٿي فرار ٿي ويا، جڏهن ته جوابدار جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته پنو عاقل جو دادلو ٿاڻو سدائين پوليس مقابلن جي حوالي سان بدنام رهيو آهي، پوليس تي الزام لڳندو رهيو آهي ته هو بيگناهه شهرين کي پڪڙي جڙتو مقابلي ۾ هاف يا فل فراءِ ڪري ڇڏيندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو