سکر (جئيرام داس ) ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي جي صدارت ھيٺ ڊپارٽمينٽل پروموشن بورڊ جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ ايس ايس پي سکر، ايس پي خيرپور ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي پروموشن بورڊ جي ميمبر طور شرڪت ڪئي.پروموشن بورڊ سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي سان تعلق رکندڙ 227 ھيڊ ڪانسٽيبل مان اي ايس آءِ طور ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.گڏيل طور 240 ترقين لاءِ ڪيس سامھون آيا جن مان 227 ڄڻن کي اي ايس آءِ جي عھدي تي ترقي ڏني وئي. پروموشن ڪاميٽي 5 ليڊي ھيڊ ڪانسٽيبلز مان چئن کي اي ايس آءِ جي عھدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني. پروموشن بورڊ ۾ ڊي ايس پي ليگل، آفيس سپريٽينڊنٽ، ھيڊ ڪلارڪ به شامل ھئا.










