خيرپور(سجاد ڪٻر)ڪچو ٻڏڻ بعد جان بائي پڪي تي ايندڙ ڳوٺ مور جھٻر شيخ جا ڳوٺاڻن جي ٻيڙي اونڌي 3 ٻار ٻڏي فوت، ٻن جا لاش هٿ ڪيا ويا ۽ 22 ڄڻن کي ڳوٺاڻن مڙسي ڪري بچائي ورتو. متاثره ٻيڙي جڏهن تيز پاڻي جي وهڪري ۾ اچي رهي هئي ته پل تي بيٺل ماڻهن کين وپاس وڃڻ لاءِ رڙيون ڪرون پر ٻيڙي وارو نه مڙيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي.

جنهن ۾ 25 مرد، عورتون ۽ ٻار سوار هئا. ضلعي انتظاميه اطلاع باوجود نه پهتي ايڌي جا رضا ڪار ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا پهتا جن ٻڏل ٻيڙي جي ماڻهن کي بچائي ورتو. فوت ٿيل ٻارڙين جا وارث رڙندا رهيا سندن مائرون بيهوش ٿي ويون. معصوم ٻارڙين ليلان شيخ ۽ سنڌو شيخ جا لاش ڪڍيا ويا ۽ هڪ ٻارڙي جي ڳولا جاري آهي.










