ڪچي ۾ پوک بند ڪريو، گاج ڊيم جلد مڪمل ڪريو، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ ڪچي جي علائقن ۾ فصل پوکڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کي دريائن توڙي ندين جي ڀرپاسي وڻڪاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کان وڻڪاري بابت هڪ مهيني ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته درياهن ۽ ندين جي چوڌاري گهٽ ۾ گهٽ 6 فُٽ جا وڻ پوکي اُنهن کي محفوظ بڻايو وڃي، درياءَ ۽ ندين سان گڏ وڻ لڳائڻ جي ڪابه اسڪيم نه آهي، وڻ پوکڻ جو سلسلو ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کان گاج ڊئم جي اڏاوت لاءِ ٽائيم لائين طلب ڪري ورتي، گاج ڊئم جي اڏاوت جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته موسمي تبديلين جي نتيجي ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، واهن تان وڻ ختم ٿي ويا آهن، وڏيون ٽاريون هونديون هنيون جيڪي ختم ٿي ويون آهن. گاج ڊئم جي اڏاوت واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري آگاهي ڏني ته گاج ڊئم جي پي سي ون جي ايڪنڪ اڃا تائين منظوري نه ڏني آهي، عدالت چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت گاج ڊئم جي تعمير تي راضي آهن، نئن گاج جي پاڻيءَ کي محفوظ بڻائڻ انتهائي اهم آهي.عدالت هڪ مهيني ۾ وڻڪاري مهم ۽ گاج ڊيم جي تعمير بابت پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو