ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سنڌ ۾ برسات جي تباهه ڪارين کانپوءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتل آهي، نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال، مريم اورنگزيب ۽ ٻيا اڳواڻ به شهباز شريف سان گڏ آهن، ڪراچي ۾ نواز ليگ جي ڪارڪنن طرفان شهباز شريف جي شاندار آجيان ڪئي وئي، هن نواز ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏجي ملير جي برسات متاثر علائقن جو دورو ڪيو. شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ برسات تباهي ڪئي آهي، هي وقت سياست ڪرڻ جو نه آهي، برسات ۾ گهر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، متاثرن کي معاوضو ڏيڻ گهرجي، وفاقي سرڪار ڪراچي کي اربين رُپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، سياست ڪرڻ بدران واعدي موجب فنڊز ڏنا وڃن ها ته ڪراچي کي اڄ اهڙا ڏينهن ڏسڻا نه پون هئا، شهباز شريف ڪراچي جي دوري دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان به بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪندو. ڪل جماعتي ڪانفرنس بابت به تجويزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.










