ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وفاق صوبن تي حملا بند ڪري. عدالت ۾ پيشي بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ غيرمعمولي برسات پئي اهڙي طرح جي برسات ۾ دبئي، عمان ۽ جده به ٻڏي ويا هئا. هن چيو ته جڏهن برسات گهڻي ٿيندي آهي ته پاڻي بيهندو آهي، پر ڪراچي جو مسئلو رڳو هڪڙو ناهي، وفاقي، صوبائي ۽ بلدياتي حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن جو چوڻ هو ته برسات دوران ڊفينس جا علائقا به متاثر ٿيا، جڏهن بجلي بند ٿيندي ته موبائل سروس به متاثر ٿيندي، پر سياست بجاءِ مسئلن جي حل جي ضرورت آهي. شاهدخاقان عباسي جو چوڻ هو ته وفاق صوبن تي حملا ڪري رهيو آهي ۽ صوبا جواب ڏئي رهيا آهن، هاڻ اهڙين شين جي ضرورت ناهي، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته مسئلا حل ٿين. مريم نواز بابت پڇيل هڪ سوال تي مسلم ليگ اڳواڻ چيو ته مريم نواز جڏهن خاموش هوندي آهي ته چوندي آهي هوءَ خاموش آهي، جڏهن مريم ڪجهه ڳالهائيندي آهي ته چوندي آهي هوءَ ڳالهائي رهي آهي. شاهد خاقان عباسي مريم نواب بابت وڌيڪ چيو ته مريم نواز پارٽي جي نائب صدر آهي ۽ هوءَ سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.










