ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته وفاق آبادگارن جو زرعي قرض ۽ ٽيڪس معاف ڪرڻ جو اعلان ڪري، سنڌ حڪومت متاثر ٿيل 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي چڪي آهي، سنڌ حڪومت آبادگارن جي بحالي لاءِ سڀ قدم کڻندي، جاري بيان ۾ هن چيو آهي ته سنڌ متاثر ٿيل فصلن جا صوبائي زرعي ٽيڪس معاف ڪندي وفاق به معاف ڪري، سنڌ ۾ زراعت تباهه ٿي وئي آهي، اڳ ۾ ئي فصلن کي نقصان پهتو هو، هاڻ برسات سبب زرعي شعبو تباهه ٿي ويو آهي، وفاق جي غلط پاليسي سبب زرعي شعبو پهريان ئي شديد دٻاءَ ۾ آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ م بارشن سبب ٿيل نقصان جو حڪومت ازالو ڪندي. هن چيو ته وڏو وزير تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر جي بحالي جو حڪم ڏنو آهي.










