ٺل(رپورٽ:عبدالنبي شيخ) پوليس ڳڙهي حسن شهر ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي مامي هزار خان ڪلهوڙو هٿان مبينا گهر ۾ زنجيرون هڻي قيد ڪيل ڀاڻيجي مسمات سسئي زال مولا بخش ڪلهوڙو کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ ڪاروائي دوران هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. بازياب ٿيل عورت ميڊيا کي ٻڌايو ته مونکي مامي هڪ لک گهريو نه ڏيڻ تي قيد ڪيو هن چيو ته مان پنهنجي مڙس سان رهڻ چاهيان ٿي. پوليس موجب عورت کي اربع تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو هوڏانهن ڳوٺ محمد پناه کوسو جي رهواسي عورت مسمات ڪمالان زال محمد عمر جمالي ڏيرن جي قتل جي ڊپ کان آر ڊي 52 ٿاڻي تي تحفظ لاء پهچي وئي جتي هن دانهيو ته مونکي ڏير ڪوڙي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهي ٿوجنهن ڪري جان بچائي ٿاڻي پهتي آهيان پوليس موجب ٿاڻي پهتل عورت کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










