قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مقابلي ۾ 2 شدت پسند قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي رئيس يار محمد ڳوٺ ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي دوران مقابلو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا ٻه دهشتگرد عدنان شبير عرف قاري ۽ محمد رفيق عرف عادل مارجي ويا، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ، سي ٽي ڊي ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان هو، هو تازو افغانستان مان ڪراچي پهتا هئا. سندن تعلق تحريڪ طالبان جي استاد اسلم گروپ سان ٻڌايو پيو وڃي. هو پوليس تي حملن ۾ ملوث رهيا ۽ بارودي سرنگون ٺاهڻ جا ماهر به هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو