ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي اسپيشل اسسٽنٽ ڪامريڊ امر لال جي والده فوت ٿي وئي. سندس آخري رسمون خميس تي ڪراچي ۾ ادا ڪيون وينديون جڏهن ته ٽيجهو خميس تي شام 5 وڳي کان 7 وڳي تائين برج ويو ڪامپليڪس ڪلفٽن ڪراچي ۾ رکيو ويو آهي. ڪامريڊ امر لعل ڄام ساقي ڪيس ۾ جيل به ڪاٽيو ۽ 1982 ۾ فوجي عدالت ۾ سندس ڪيس هليو. ان ڪيس ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو، غوث بخش بزنجو، خان عبدالولي خان ۽ مولانا شاهه محمود امروٽي سندس دفاع جا شاهد هئا.










