شهباز شاخ کي 25 فوٽ گهارو ، فصل پاڻي هيٺ

سڪرنڊ(ن سنڌيار) ڳوٺ غلام حيدر ڀٽو وٽ شهباز شاخ کي 25 فٽ گهارو سوين ايڪڙ بيٺل فصل پاڻي هيٺ. آبادگارن کي شديد نقصان. گهارو ڪيترائي ڪلاڪ هلڻ ڪري پاڻي ڳوٺ ڏانهن وڌڻ لڳو جڏهن ته ايريگيشن عملو زبير جمالي جي اڳواڻي ۾  ڪرين مشين وسيلي گهاري کي ٻڌڻ جي لاء سرزمين تي پهچي ويا ڳوٺاڻن به پنهنجي مدد پاڻ تحت شاخ جي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. علي ڏنو جلالاڻي ۽ ٻين آبادگارن چيو ته برسات پوڻ بعد شاخ ۾ گهڻو پاڻي وڌڻ جي ڪري شاخ کي گهارو پيو آھي ۽ اسان جي تيار ٿيل فصل ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي. گهاري کي بند نه ڪيو ويو ته پاڻي اسان جي گهرن ڏانهن وڌي سگهي ٿو. ايريگيشن عملي جي زبير جمالي چيو ته برسات جي ڪري ماڻهن پنهنجا ماڊول بند ڪرڻ جي ڪري شاخ ۾ پاڻي گهڻو ٿيڻ جي ڪري گهارو پيو آھي اسان ڪرين آندي آھي جلدي گهاري کي بند ڪنداسين. آخري اطلاعن تائين شاخ کي پيل گهاري کي بند ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو