ڪورونا سبب سنڌ ۾ 14 فوت، مرندڙن جو انگ 2245 ٿي ويو

ڪورونا سبب سنڌ ۾ 14 فوت، مرندڙن جو انگ 2245 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 14 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن بعد هن وقت تائين سنڌ ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 2245 ٿي چڪو آهي، هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾  5436 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 357 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، هن چيو ته پوري صوبي ۾ 122373 ڪيس ٿي چڪا آهن، 24 ڪلاڪن دوران 728 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن ڪراچي ۾ 357 نون ڪيسز مان 213مثبت ڪيس رپورٽ ٿيا،بدين ۾ 45، ڄامشورو ۾ 10، دادو، شڪارپور ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ڇهه ڇهه ڪيس ظاهر ٿيا. حيدرآباد، قمبر ۽ سانگهڙ ۾ چار چار ڪيس رپورٽ ٿيا. لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ ميرپورخاص ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو