ايم ايس خلاف صحافين جو احتجاج، هٽائڻ جو مطالبو

مانجهند(مهراڻ عمراڻي) تعلقه اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ اسپتال ۾ پٽ جي علاج لاء ويل صحافي ساجد علي ملاح کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي ڌمڪيون ڏنيون ته وڏي عرصي کان اسپتال جي  ڪرپشن ويزا سسٽم بدانٿظامي تي لکي رهيا آھيو پر شھر جي ٻين مسئلن تي ڇو نٿا لکو. جنهن تي صحافي طرفان ڊاڪٽرن ۽ عملي جا انگ اکر گهرڻ تي ايم ايس مڇرجي پيو ۽ صحافي تي تشدد ڪندي سندس هٿ مان موبائيل فون ڦري پوليس کان ٻڌرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي آفيس مان ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو اهڙي عمل خلاف صحافين جو سڪندر قريشي ابوبڪر کوسو گلزار ملاح مشتاق جويو جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي صحافين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت ايم ايس تعلقه مانجهند ڪجهه ڏينهن اڳ زخمي ڳوٺاڻي الهدين کوسو کي سرٽيفيڪيٽ ڏيڻ لاء 20 هزار مبينا رشوت گهري هئي جنهن جي ڳوٺاڻي فون رڪارڊنگ ڪري ايم ايس خلاف صحافين آڏو احتجاج ڪيو هو جنهن جي ڪوريج ڪرڻ، اسپتال مان دوائون سرنجون وڪروٿيڻ فرجون ڪمپيوٽر جنريٽر ايسيون ڪٻاڙي ۾ وڪرو ٿيڻ سان گڏ ڊاڪٽرن ۽ عملي کي ويزا سسٽم تي ڇڏڻ جي عوامي شڪايتن جون مسلسل خبرون هلنديون رهيون جنهن تي ايم ايس مڇرجي اهڙي قسم جي ڪاروائي ڪئي آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا صحافين چتاء ڏنو ت فوري طور ايم ايس کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج کي سنڌ سطح تائين وڌايو ويندو ھوڏانهن ايم ايس جي اهڙي عمل تي هتان جي ايس يو پي اڳواڻ لطيف پهنور ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ گوتم چنا جسقم جي گلشير کوسو جسم جي اشرف عمراڻي ن ليگ جي لياقت ملاح ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو