شادي هال کولڻ لاءِ ڊيڪوريشن وارن جو انوکو احتجاج

شهدادڪوٽ( ڊ   ر )ڊيڪوريشن اينڊ شادي هال ايسوسيئيشن پاران ايس او پيز تحت ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت لاء هٿن ۾ ڪفگير داسا ۽ خالي ديڳيون کڻي  احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڊيڪوريشن اينڊ شادي هال ايسوسيئيشن جي اڳواڻن مجاهد اعواڻ، زاهد منگي، سهيل سومرو، نياز منگي، غفور خشڪ، نويد منگي، ساجد اعواڻ، شاهد اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مزدور شادي هال کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان پهچي خالي ديڳيون رکي هٿن ۾ ڪپگير داسا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان ملڪ جي قانون مطابق ٽيڪس ڏيندا آهيو پر گذريل 5 مهينن کان ڪورونا وائرس سبب لڳل لاڪ ڊائون بيروزگار ڪري ڇڏيو  آهي، هنن جو چوڻ هو ته پوري ملڪ  ۾ تقريبن سڀ روزگار کلي ۽ شروع ٿي ويا آهن صرف شادي هال ۽ ڊيڪوريشن جا دڪان بند  آهن جنهن ڪري اسان سان سلهاڙيل 32 ننڌا وڏا ڪاروبار متاثر ٿيل آهن جنهن ڪري اسان کي به ايس او پيز تحت روزگار ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ۾ شهري اتحاد جو صدر وهاب پندراڻي ، مووي رڪارڊنگ يونين جو اڳواڻ نظير ڀٽي، روشن سيلرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو