وزيراعظم پاران ڪڻڪ فوري مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اٽي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ فوري طور مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عيد کان اڳ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي امڪاني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم پنجاب حڪومت کي خاص هدايتون ڏيندي سرڪاري گودامن  ۾ پيل ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم فلورملز کي ڪوٽا مطابق ڪڻڪ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به مصنوعي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف سخت ڪاروائي ٿيندي. ياد رهي ته ڪامورن ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿيڻ ڪري سرڪاري ڪڻڪ آڪٽوبر ۾ مارڪيٽ ۾آڻڻ جو مشورو ڏنو هو. جيڪو وزيراعظم رد ڪندي فوري ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته توهان فوري طور ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ آڻيو ۽ سستي بازار ۽ پوائنٽس ٺاهي ماڻهن کي سستو اٽو ڏنو وڃي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته صورتحال موجب ڪڻڪ گهرائي وٺبي.

پهنجو تبصرو موڪليو