ايڌي جي زندگي جي سفر تي هڪ نظر، سردار رام سنگهه

مرحوم عبدالستار ايڌي ( 1928 کان 2016 ) 1951 ڌاري ايڌي فائونڊيشن نالي خيراتي ادارو قائم ڪيو جيڪو اڄ پاڪستان ۾ سماجي ڀلائي جو مک ادارو آھي. عبدالستار ايدھي 8 جولاءِ  2016 وفات تائين ھن تنظيم جو سربراه رھيو ۽ سندس زال ، بلقيس ايڌي ، هڪ نرس آهي جيڪا ھن وقت فائونڊيشن جي خدمت جي نگراني ڪري رھي آھي. عبدالستار ايدھي حاجي عبدالشڪور جي گھر  1928 ۾ گجرات ، برطانوي ڀارت ۾ پيدا ٿيو ، بعد ۾ ڪراچي ڏانھن هليا آيا.  جتي هن شهر جي گهٽ آمدني وارن ماڻھن لاءِ مفت ڊسپينسري قائم ڪئي. هن بعد ۾ پنهنجي زال بلقيس ايدھي جي مدد سان پنهنجي خيراتي نيٽ ورڪ کي وڌايو.  ايدھي فائونڊيشن مڪمل طور تي عام نجي ماڻھن ھن کي چندو ۽ عطيو ڏيندا هئا. ايڌي کي دنيا ۾ تمام گهڻي عزت وارو ۽ عظيم شخصيت سمجهيو ويندو آهي. هو پاڪستان ۽ پوري دنيا ۾ مذهبي رواداري جو سخت حامي هو ۽ بنا رنگ نسل، مذهب جي هو انسنايت جي خدمت ڪندو هو. ايڌي کي ڪيترائي ايوارڊ مليا ، جن ۾ گانڌي امن ايوارڊ ، احمديه مسلم امن ايوارڊ شامل آهن. شروعات ۾ ايڌي صاحب روڊ تي ويهندو هو ۽ عوام کان مسڪينن جي مدد لا۽ چندو گڏ ڪندو ھو ۽ گڏ ڪيل پئسن مان هو ڪنهن زخمي ماڻهو جي مدد ڪندو هو يا ڪنهن لاچار ماڻھون جي مدد ڪندو ھو.

File Photo

ھن جي نظر ۾ انسانيت کان مٿي ٻيو ڪوبه مذهب نھ هيو. عبدالستار ايڌي جا ابا ڏاڏا سنڌي هندو هئا.  جيڪي ٽي صديون اڳ مسلمان ٿيا ھئا. ايڌي خاندان هندوستاني گجرات واري علائقي ۾ آباد ھيو ۽  واپار ڪندا ھيا.  ملڪ جي ورهاڱي دوران پاڪستان لڏي آيا. اڪثر ماڻهن هندو ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو. پر ايڌي جو پيءُ ، عبدالشڪور جيڪو ڏاڍو ايماندار هو قبضن جي خلاف هو. هن هڪ ڪمرو ڪرائي تي ورتو ۽ پنھنجي ڪٽنب کي ان ۾ آباد ڪيو. اهڙيءَ طرح ايڌي کي پنهنجي والد کان ايمانداري ورثي ۾ ملي.

ايڌي صاحب کي پنهنجي ماءُ کان غريب  لاچار ۽ ضرورتمند لاءِ پيار ۽ همدردي جو احساس مليو.  جڏھن ھو ننڍو ھو ته ايڌي جي ماءُ ھن کي ٻه پيسا ڏيندي ھئي ۽ کيس چوندي ھئي ته ھڪڙو پيسو پاڻ خرچ ڪجائين ۽ ٻيو ڪنھن ضرورتمند کي ڏجان. هڪ ڏينهن اسڪول وڃڻ دوران ، ايڌي صاحب اسڪول ۾  ٻارن جي لڙائي ڏسي اداس ٿيو ۽ ھڪ ڇوڪرو مار برداشت ڪري رهيو هو  ۽ اھو ڇوڪرو بيھوش ٿي ويو جنھن تي ايڌي چيو ته جيڪڏهن توهان ڪنھن جي مدد نٿا ڪريو ته گھٽ ۾ گھٽ ڪنھن کي ماريو ته نھ جنھن تي ڇوڪرن ايڌي کي پڪڙي ورتو ۽ کيس ماريو. جڏهن هو گهر آيو ته ھن مرهم لڳايو ۽ چيو ته خدا ان تي رحم ڪري.  توڙي توهان نيڪ ڪم ۾ هارائجي وڃو پر پوئتي نه هٽو. ايڌي پنج ڪلاس پاس ڪرڻ کان پوءِ  اسڪول ڇڏي ڏنو ۽ هڪ رپئي جي واپار سان گڏ پنج رپين جي نوڪري حاصل ڪيائين. جتي ايڌي ڪم ڪندو ھيو اتي ٻيا ڇوڪرا به ڪم ڪندا ھيا. ايڌي ٻين ڇوڪرن جي چوري بابت مالڪ کي آگاهه ڪيو ۽ ان مان هڪ ڇوڪري ايڌي تي به الزام لڳائيندي چيو ته ايڌي به اسان سان گڏ آهي، جنھن تي دڪان جي مالڪ چيو ته حاجي شڪور جو پٽ چوري نٿو ڪري سگهي. ايڌي صاحب جو والد به سٺو ڪاروباري ھو ، پر پوءِ به ايڌي پنهنجي پاڻ کي ھيٺان کان مٿي آندو ۽ هن 1948 ۾ هڪ ڊسپينسري تي رضاڪار طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ايڌي ان ڊسپينسري ۾ ڏٺو ته بيمارن سان تعصب ڪيو پيو وڃي. پھريان سيٺين ۽ مالدار طبقي کي دوا ڏني ويندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪا دوا بچي ته پوءِ غريبن کي ڏني ويندي ھئي ھن انھن جي بورڊ جي گڏجاڻي ۾ انھن سڀني جي  چورين کي بي نقاب ڪيو ۽ ڪمزورين کي ظاهر ڪيو.  جنھن تي ايڌي کي دٻايو ويو  پر سندس والد تعريف ڪندي چيو توهان سخت محنت ۽ ايمانداري سان انهن کي مات ڏني آھي انهن کي نظر انداز ڪريو ۽ پنهنجو رستو نه ڇڏيو.

1951 ۾ ايڌي 2300 روپين جي بجٽ سان ميٺادر ۾ پنهنجي ڊسپينسري کولي ۽ هڪ ڊاڪٽر نوڪري تي رکيو. هن ڪمپنين کان سڌو سنئون قيمتن تي آرڊر ڏيڻ شروع ڪيا. ڏينهن ۽ رات مريضن جي حفاظت ۽ خدمت شروع ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ علاج جي فيس تمام گهٽ هئي تڏهن به بچت ڪري رهيو ھو. 1951 ۾  هانگ ڪانگ ۾ فلو پکڙجي ويو. ماڻهن جو وڏو تعداد مرڻ لڳو. ايڌي هنن مريضن جي علاج لاءِ شهر جي ڀرسان خيمه بستي قائم ڪئي ۽ ڊونيشن باڪس رکيا هڪ ميمڻ واپاري ڪجهه ڏينهن تائين ايڌي جي ڪم تي نظر رکي ۽ پوءِ 20 ھزار روپيا ڏنا جنھن مان ايڌي ساڳي ڏينهن 7 ھزار رپين جي هڪ پراڻي وين خريد ڪئي ۽ ان کي هن رنگ ڪيو. 1956 ۾ ايڌي ايران ، ترڪي ، يونان ۽ بلغاريه کان يوگوسلاويا ۽ پوءِ فرانس ۽ ترڪي تائين سفر ڪيو ته ڏسجي ته باقي ملڪن بچت ڪيل پئسن مان ڪيئن ڪم ڪن پيا. اميگريشن اهلڪار به غريبن جي لا۽ عطيو ڏيندا هئا.  ايڌي جي غير موجودگي ۾ ، هن جي خلاف غلط پروپيگنڊا هلي ته هو چندي جي پئسن سان ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويو آهي. جڏهن ايڌي واپس آيو ۽ هن غلط پروپيگنڊا بابت ھڪ اشتهار ڏنو ته جيڪو به امداد ڪرڻ تي پشيمان آهي سو رسيد ڏيکارڻ بعد پنھنجا ڏنل پيسا واپس وٺي سگھي ٿو پر آئون ڪنھن انهن کي جواب نه ڏيندس جن خيرات ناهي ڏني ۽ واويلا پيا ڪن. 1958 ۾  پيءُ ٻن پٽن جي وچ ۾ پنهنجي ملڪيت ورهائي ڇڏي. ايڌي جي حصي ۾ به وڏي ملڪيت آئي  هن انهن پئسن مان وڌيڪ ڊسپينسري ۽ ايمبولنس حاصل ڪيون.

file Photo

ھڪ سيٺ جو پٽ جيڪو ايڌي خلاف سڀ کان وڌيڪ خراب ڳالھائيندو هو ھڪ ڏينھن اھو ڇت تان ڪري پيو ۽ ڪٿي به ايمبولينس نه مليس. جڏھن ايڌي کي خبر ملي ته جلدي ۾ وڃي کيس اسپتال پھچايو ۽ ھو بچي نه سگھيو ۽ انجي والده پنهنجي پٽ جي وفات کان پوءِ ھر مھيني ايڌي کي چندو ڏيڻ شروع ڪيو.  1962 ۾ ايڌي بدعنواني جي خلاف جنگ وڙهڻ لاءِ پارليامينٽ جي ميمبر طور فارم ڀرڻ جو اعلان ڪيو.  جنھن کانپوءِ کيس وڏيون ڌمڪيون ملڻ شروع ٿي ويون ۽ گهڻا سنگين الزام لڳايا ويا، ايڌي اهو سڀ ڪجهه ڏسي حيران ٿي ويو ، پر هن اھو معلوم ڪرڻ لاءِ فارم ڀريو ته ڇا مونکي ماڻھو پسند ڪن ٿا يا نه. هن کي ماڻھن پيسا خرچ ڪرڻ کانسواءِ ووٽ ڏنا ۽ ڪاميابي ماڻي.جڏهن ته باقي ميمبر ۽ وزير پارلياماني سيشن دوران گرانٽس جي طلب ڪري رهيا هئا، ايڌي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته حڪومت کان امداد نه طلب ڪندس.  ليڪن ، حڪومت کي اهو پئسو پاڻ خرچ ڪرڻ گهرجي.1965 ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ شروع ٿي. هر ڏينهن بمباري جاري هئي. هر طرف دانهون ۽ رڙيون ھيون. ايڌي فائونڊيشن هزارين رضاڪار جمع ڪرڻ شروع ڪيا. ايڌي هر ڪنهن کي خدمت جي سياست ڪرڻ لاءِ چيو. ايڌي19 سالن جي بيوه بلقيس سان شادي ڪئي ۽ هن جي چاچي هن کي ايڌي جي نرسنگ گهر ۾ وٺي آئي ايڌي جي مقبوليت اڃا وڌي وئي. جڏهن ايڌي کي معلوم ٿيندو ھو ته ڪنھن جاءِ تي ڌاڙيلن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ ٿي ھلي ته هو پنهنجي وين ۾ اچي اعلان ڪندو ھو ته ايڌي لاش ۽ زخمين کي گڏ ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آھي ته فائرنگ فوري طور تي بند ٿي وئيندي ھئي. ھو زخمين کي فوري طور تي امدد فراهم ڪندو ھو ۽ لاشن کي غسل ۽ ڪفن جو به بندوبست ڪندو ھو. هڪ محنتي شاگرد ڪينسر جي مريض ايڌي کي مدد لاءِ چيو. ايڌي ڪراچي جي چوڪ تي بيٺو ۽ ماڻھن کان چندو ڪٺو ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن ته ھن ٽن ڏينھن ۾ 2.5 لک رپيا گڏ ڪيا ۽ ان ڪينسر جي مريض جي امداد ڪئي.

1971 ۾ جڏهن پاڪ ڀارت جنگ شروع ٿي ته بنگلاديش وجود ۾ آيو. جنگ دوران ڇهه منزله عمارت بسم الله بلڊنگ دٻجي وئي. ايڌي ڪرين مالڪن کان مدد جي گزارش ڪئي. جتي لاشن ۽ زخمين لاءِ الڳ خيما قائم ڪيا ۽ انھن جي ڏينهن رات مدد ڪرڻ شروع ڪئي.  جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به موقعي تي آيو ۽ امداد به موڪلي.1977 ضياءُ الحق جي حڪومت قائم ٿي. ايڌي جي خدمت مان متاثر ٿي هن سرٽيفڪيٽ ۽ 5 لک روپين جو چيڪ موڪليو. ايڌي سرٽيفيڪيٽ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ امداد جو چيڪ واپس ڪندي چيو ته آئون حڪومت کان پئسا نه وٺندس. 1985 ۾ ايڌي کي پاڪستان حڪومت پاران سندس خدمتن جي ساراهه ملي هئي. 1986 ۾  ايڌي کي فلپائن جي حڪومت طرفان ميگاساس ايوارڊ سان نوازيو ويو. هڪ سون جو تمغو ۽ 20 هزار جو چيڪ پيش ڪيو.  ايوارڊ حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ۽ سندس زال الله تعالى جو شڪريو ادا ڪيو ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها نڪري آيا  فلپائن جي عورت وزيراعظم اڪوينو کيس رات جي مانيءَ تي دعوت ڏني. هن جي واپسي تي ٿائلينڊ جي بادشاهه دعوت ڏني. ان کان پوء هو بنگلاديش ۾ ايڌي فائونڊيشن جي شاخ جو معائنو ڪرڻ ويو. آرمينيا ۾ زلزلي دوران ايڌي جي ڪردار تي امن انعام ڏنو ويو. ايڌي فيصلو ڪيو ته 25 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي فلاحي مرڪز کولڻ گھرجي.آخر تائين هن ملڪ جو سفر ڪيو. ٿوري وقت ۾ ، 250 سينٽر قائم ٿي ويا جيڪي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل هئا. ڪوريئر ڪمپنيون پنهنجون خدمتون ايڌي فائونڊيشن لا۽ مفت ۾ پيش ڪنديون آھن. ايڌي فائونڊيشن پوري پاڪستان ۾ 24 ڪلاڪ ايمرجنسي امداد فراهم ڪري ٿي. ايڌي فائونڊيشن ٻين ڪيترن ئي خدمتن سان گڏ، بي گهرن لاءِ پناهه گاهه، مفت اسپتالون ۽ طبي سهولتون، دوا جي بحالي واريون خدمتون ۽ قومي ۽ بين الاقوامي امدادي ڪوششون ڪري رھي آھي. ان جا بنيادي مرڪز آهن ايمرجنسي سروسز يتيم معذور ماڻهن کي پناھ ، تعليم ، صحت جون سهولتون ، بين الاقوامي برادري جا مرڪز ، بلڊ بينڪ ، ايئر ايمبولنس سروس ، بحري ۽ ساحلي خدمتون فراهم ڪرڻ. ايڌي فائونڊيشن پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي ايمبولينس سروس پڻ فراهم ڪري ٿي.  هن وقت 1800 ايمبولينس  ٻه هوائي جهاز ، هڪ هيلي ڪاپٽر ۽ 28 بچاءُ واريون ٻيڙيون آهن.  ايڌي فائونڊيشن پاران هن وقت تائين 3 لک ليپالڪ ٻارن جي بحالي ٿي چڪي آهي.  80 هزار نفسيات ۽ منشيات جا عادي علاج کانپوي پنهنجي گهرن ڏانهن موڪليا ويا آهن. ايڌي سينٽر ۾ ويهه هزار ٻار آھن. ھن چاليهه هزار ڇوڪرين کي داين ۽ ليڊي ھيلٿ ورڪر جي تربيت ڏيندي ڳوٺن ۽ پسماندا علاقن ۾ پنهنجو ڪم ڪن پيا. ايڌي فائونڊيشن پاران ٻه لک لاوارث لاش پڻ دفن ڪيا ويا آهن.

هن مضمون جو ليکڪ

هن تي خدا جو فضل آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته هو سموري مخلوق جو خادم رهيو. سندس سک سيوا سوسائٽي پاڪستان ۽ سک ڪميونٽي پاران چوٿين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. اھڙي مھان انسان کي پوري دنيان ۾ ياد رکيو ويندو. (ليکڪ سردار رام سنگهه  باني سک سيوا سوسائٽي پاڪستان)

پهنجو تبصرو موڪليو