يورپي يونين بعد برطانيا پاران به پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) ۾ جعلي لائسنز تي پائلٽ ۽ انجنيئر ڀرتي ٿيڻ واري اسڪينڊل بعد برطانيا به قومي ايئر لائن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.لنڊن، برمنگهم ۽ مانچسٽر وارين اڏامن تي 6 مهينن تائين پابندي مڙهيندي برطانوي حڪومت سول ايوي ايشن کان وضاحت طلب ڪئي آهي. يورپي يونين به پي آءِ اي جي اڏامن تي مڪمل بندش مڙهي آهي. ويٽنام ۽ امارات ايئر لائنز ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پائلٽس ۽ انجيئرز جي ڊگرين ۽ لائسنسز جي تصديق لاءِ پاڪستان حڪومت سان رابطو ڪيو آهي.متحده عرب امارات پڻ پي آءِ اي جي اڏامن تي بندش مڙهي آهي. ياد رهي ته پاڪستان جي ايوي ايشن واري وزير غلام سرور خان 26 جون تي چيو هو ته پي آءِ اي ۾ 262 پائلٽ ۽ انجنيئرز جعلي ڊگرين ۽ لائسنسز تي ڀرتي ٿيل آهن. جنهن بعد قومي ايئر لائن تي دنيا ۾ پابندي مڙهي پئي وڃي. يورپي يونين کي پاڪستان درخواست ڪئي ته جيڪي جهاز ويل آهن انهن کي واپسي جي شيڊولڊ فلائٽس جي اجازت ڏني وڃي. جنهن بعد 3 جولاءِ تائين کين مهلت ملي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو