سپريم ڪورٽ صحت بابت مشير کي هٽائڻ جو چئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪورونا وائرس جي از خوس نوتيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران حڪومتي اپائن تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي صحت بابت وزيراعظم جي مسير ڊاڪٽر ظفر مرزا کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران اتارني جنرل عدالت کي چيو ته اڌڪي فلائٽ مان هن کي نه لاهيو سڄو ڪم متاثر ٿيندو. عدالت چيو ته مشير ڪرپٽ آهن، اٽاري جنرل چيو ته اوهان ائين نه چئو چيف جسٽس چيو ته مان مبينه طور ڪرپٽ چيو آهي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته سڄي دنيا جون پارليامينٽس ڪم ڪن ٿيون، اسانجي ڪم ڇو نٿي ڪري، 49 ميمبر ڪابينا جي ڪهڙي ضرورت آهي، مشيرن جي فوج آهي جن کي وفاقي وزير جو درجو آهي، ان جو مطلب وزيراعظم کي ڪجهه نٿو اچي. عدالت چيو ته ظفر مرزا کي عدالت جيڪي گذريل ٻڌڻي تي هدايتون ڏنيون انهن تي عمل ڇو نه ٿيو آهي. اٽارني جنرل چيو ته حڪومت عمل ڪر پئي اوهان مرزا جي هٽائڻ جو معاملو حڪومت تي ڇڏيو پر عدالت آخر ۾ کيس هتائڻ جو زباني حڪم ته ڏنو پر لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ ان جو ذڪر نه هو. عدالت پنجاب حڪومت پاران ڪورونا وائرس فري سرٽيفڪيٽ کانسواءِ بين الصوبائي ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي بابت نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو