مڙس جي علاج لاءِ نياڻي وڪرو، ڇوڪري کنڀڻ خلاف احتجاج

شڪارپور(عبدالخالق سومرو) شهر جي داون شاهه محلي ۾ بيحسي جي انتها وارو معاملو سامهون آيو آھي جنهن ۾ هڪ مجبور عورت مسمات اشرف خاتون پاران پنهنجي بيمار مڙس غلام سرور جو علاج ڪرائڻ لاءِ پنهنجي معصوم نياڻي 9 سالن جي ببليءَ کي هڪ لک ويهه ھزارن ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ان سلسلي ۾ ڄاڻايل ناري پنهنجي ٻارن سان گڏ شڪارپور پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجو مڙس جگر جي بيماري ۾ مبتلا هو جنهن جي علاج لاءِ ڪجهه وقت اڳ نثار ملڪ کان هڪ لک 20 هزار روپيا وٺي کيس پنهنجي نياڻي جو سڱ ڏيڻ جو چيو هو پر اها اڃان معصوم آھي تنهن باوجود پرڻائي نه ڏيڻ تان نثار ملڪ ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري مڙس مٿان تشدد ڪندي نياڻي کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو