لنڊن پلٽ نوجوان کي وائرس، سندس 14 دوست گرفتار

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي) برطانيا مان وطن واپس آيل زميندار مير فواد حسين ٽالپر جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد ساڻس ميل ملاقات ڪندڙن کي پوليس حراست ۾ وٺي ڪرونا سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد  تعلقي جي ڳوٺ حسين خان ٺوڙهو جي زميندار مير فواد حسين ٽالپر ملاقاتون ڪندڙ دوستن ۽ ملازمن جي لسٽ پاڻ ڏني جنهن بعد اسٽنٽ ڪمشنر تعلقه حيدرآباد اعجاز ابڙو، تبيدار غلام فاروق زنئور ۽ ايس ايڇ او پٻڻ امتياز لاڙڪ  کي ساڻ ڪري ڳوٺ پهتو.

جنهن بعد هو ڳوٺ حسين خان ٺوڙهو ،گلڻ پتافي، دودو پتافي ۽ ٻين ڳوٺن سان تعلق رکندڙ مير فواد ٽالپر سان ملاقات ڪندڙ  14 ڄڻن کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. جن ۾ عرفان علي لاکو  عباس علي لاکو قربان علي خاصخيلي منصور کوسو اعجاز لاکو عنايت سولنگي دلدار سولنگي  منظور سولنگي آحمد خان پتافي  شاهنواز پتافي غلام قادر پتافي ظھير ٽالپر ۽ دودو لاکو شامل آهن. کين سخت پهري ۾ پوليس ۽ ايمبولينس جي ذريعي کڻي ڪوهسار ۾ قائم آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو