چونڊيل نمائندا گم، نوجوانن پاران غريبن ۾ راشن تقسيم

جروار (محمد بخش گبول) ڪروناوائرس سبب شھر لاڪ ڊائون ٿيڻ کان پوء ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ غريب ماڻھن جي مدد لاء چونڊيل نمائندا غائب هجڻ سبب جروار جي نوجوانن وڪي ڪمار جي اڳواڻي ۾ هڪ گروپ ٺاهي شھر جي واپارين کان مدد وٺي راشن گڏ ڪري مختلف ڳوٺن ۾ غريب ماڻھن ۾ ورهائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. پهرين ڏينهن جروار جي مختلف ڳوٺن محمد علي بوزدار مراد گبول پيربخش گبول سهجو خان ,ابڙا ڳوٺ موچي محله ميگهواڙ محله ۾ وڃي 150 غريب ماڻھن ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان پهچايو. وڪي ڪمار ڍوليا ٻڌايو ته اسان ڪي سياسي ماڻھو ناهيو جو پنهنجا ووٽ وڌائڻ لاء اهو ڪم ڪيون ٿا پر خدا ڪارڻ هي خير جو ڪم شروع ڪيو آھي اسان کي خبر هئي ته چونڊيل نمائندا هن ڏکي وقت ۾ غريب ماڻھن جي مدد نه ڪندا تنهن ڪري اسان پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڪم شروع ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو