ڪورونا بابت 15 ڳالهيون، ڊبليو ايڇ او پاران غلط قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس بابت هلندڙ  ڪوڙا ۽ بي بنياد افواهه جيڪي سائنسي ۽ طبي طور ماهرن غلط قرار ڏنا آهن. هتي اسين اوهان کي 15 اهڙن افواهن بابت ٻڌائينداسين. گرم موسم ۾ وائرس ختم ٿيڻ جي ڳالهه غلط آهي. انساني جسم اندر گرمائش 36.5 کان 37 سينٽي گريڊ رهندو آهي چاهي انسان برفيلي علائقي ۾ هجي يا گرم ترين علائقي ۾ هجي. سائنسدان ۽ صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته گرمي يا ٿڌ جو ڪورونا وائرس تي ڪو اثر نه ٿيندو آهي. اس ۾ ويهڻ سان به ڪو فرق نٿو پوي،  اهو به افواهه هليو ته چين مان ايندڙ خط، پيڪٽ يس ڪو به سامان وائرس جي ڦهلاءَ جو سبب بڻجي ٿو پر ڊبليو ايڇ او ان بابت تحقيق ڪرڻ بعد ان کي غلط قرار ڏنو آهي. ٿوم ۽ وٽامن سي جي استعمال سبب وائرس کان بچي سگهجي ٿو واري ڳالهه به غلط ثابت ٿي آهي. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته ٿوم کائڻ سان ڪافي جسماني فائدا آهن پر وائرس کان بچائڻ جو ان م ڪو عنصر ناهي، مڇرن ۽ پالتو جانورن خاص ڪري ڪتن سبب وائرس ڦهلجڻ واري ڳالهه کي به ڊبليو ايڇ او غلط قرار ڏنو آهي. سندن چون آهي ته هي وائرس کنگهه ۽ ڇڪ اچڻ سبب هوا ۾ ڦهلجندڙ ڊراپليٽس يعني پاڻياٺي قطرن سبب پکڙجي ٿو. زڪام جي صورت ۾ نڪ ۽ ڳلي کي گرم هوا سان خشڪ ڪرڻ سان وائرس کان بچاءَ واري ڳالهه کي به ڊبليو ايڇ او غلط قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ان سان نڪ خراب ٿيندو ۽ وڌيڪ نقصان جو خطرو آهي. بلب جي گرمائش سان هٿ گرم ڪرڻ سان وائرس کان بچاءَ وار افواهه کي به غلط قرار ڏنو ويو آهي. نڪ ۾ پاڻي ۽ ڳلي ۾ گرارا ڪرڻ واري ڳالهه به غلط آهي ان سان به ڪو فرق نٿو پوي، ها لوڻ واري نيم گرم پاڻي سان ڳلي جي خراش ٺيڪ ٿي سگهي ٿي پر وائرس کان بچاءُ ناممڪن آهي، ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس هر عمر جي ماڻهو تي حملو ڪري سگهي ٿو وڏي عمر وارا ماڻهو جيڪي دل، شگر يا ساهه جي تڪليف ۾ مبتلا آهن انهن تي جلدي حملو ڪري ٿو. ڊبليو ايڇ او موجب عام ماسڪ، پلاسٽڪ بيگ جا ماسڪ غير موثر آهن، عام ماسڪ پائڻ سان ڪنهن حد تائين وائرس زده ماڻهن جي کنگهڻ ۽ ڇڪون ڏيڻ سبب ڊراپليٽس کان بچي سگهجي ٿو پر ماسڪ وائرس سان بچاءَ جي گارنٽي ناهي،  جيڪڏهن ڪنهن خاندان ۾ ڪنهن هڪ ماڻهو کي وائرس آهي ته ضرورو ناهي ته سڀني کي هجي، وائرس کان بچاءَ لاءِ اينٽي بايوٽڪ دوائن جو اثراتو هجڻ واري ڳالهه کي به دبليو ايڇ او غلط قرار ڏنو آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته اينٽي بايوٽڪ بيڪٽريا کان بچائي ٿي وائرس کان نه، عام سينيٽائيزر به بچاءَ جي گارنٽي ناهي، جيڪڏهن اوهان گهمو ڦرو ٿا ته ان جو اثر نه ٿيندو، 60 سيڪڙو کان مٿي بچاءَ جي سگهه رکندڙ سينيٽائيزر فائديمند آهي پر بچاءَ جي گارنٽي ناهي، نمونيا واري ويڪسين ۽ ٻيون ويڪسين ڪورونا کان بچاءَ فراهم نٿيون ڪن. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته هر هر صابڻ سان هٿ ڌوئڻ، اکين، نڪ ۽ منهن تي هٿ نه هڻڻ، هجوم کان پري رهڻ، گهر ۾ رهڻ، هٿ نه ملائڻ جهڙن اپائن سبب پاڻ کي محفوظ رکي سگهجي ٿو. هن وقت ڪابه ڪورونا وائر جي موثر دوا موجود ناهي. صدر ٽرمپ چيو آهي ته مليريا کان بچاءَ واري دوا موثر ثابت ٿي سگهي ٿي پر ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته ان جا سائيڊ اِفڪيٽ آهن ۽ نائيجيريا ۾ 3 ماڻهن کي هائيڊرو ڪلوروڪوئن ڏيڻ سبب سندن جسم ۾ زهر ڦهلجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو