سڄي ملڪ ۾ ٽرين سروس معطل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ريلوي سڄي ملڪ ۾ ٽرين سروس 31 مارچ تائين معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ريلوي هيڊ ڪوارٽر مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 24 ۽ 25 مارچ جي وڄ واري رات 12 وڳي کان پوري ملڪ ۾ ٽرين سروس معطل ڪئي ويندي. ميڊيا تي خبرون هلڻ بعد عمران خان نوٽيس ورتو ته فيصلو واپس ڪيو ويو. ڪجهه دير بعد وري هن منظوري ڏئي ڇڏي. حڪومت اڳ ۾ ڪجهه ٽرينون معطل ڪيون هيون پر هاڻي مڪمل سروس هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گذريل رات خيبر ميل جي هڪ ويڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ حد کان وڌيڪ ماڻهو سفر ڪري رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو