ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي چف اليڪشن ڪمشنر کي عمر ڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ مداخلت تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف خط لکي ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي. اليڪشن سيل جي انچارج تاج حيدر لکيل خط ۾ چيو آهي ته شاهه محمود قريشي پنهنجي مريدن کي ٽيليفونڪ خطاب ۾ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ سلسلي ۾ ارباب غلام الرحيم کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها چونڊ ضابطن جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ پري پول رگنگ آهي. هن چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ صوبائي الڪيشن ڪمشنر کان خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي ضروري ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.










