خورشيد شاهه خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي 28 تائين ملتوي

سکر(بيورو رپورٽ) خورشيد شاھ ۽ سندس ساٿي جوابدارن خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي خورشيد شاھ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.  احتساب عدالت ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج اميرعلي مھيسر ڪئي خورشيد شاھ سميت ڪيس ۾ نامزد 17 ڄڻا عدالت ۾ پيش ٿيا صوبائي وزير اويس شاھ جو ڀاءُ جنيد شاھ پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته بار بار طلبي جي باوجود جنيد شاھ پيش ناھي ٿيو جنھن تي جنيد شاھ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايوته هو ملڪ کان ٻاھر آھي ڪرونا وائرس جي ڪري کين فلائيٽ معطل ٿيل آھي جنھن تي عدالت چيو ته کين ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي خورشيد شاھ سميت کين گھر ڀاتين تي نيب طرفان ھڪ ارب 23 ڪروڙن جو ريفرنس داخل ڪيل آھي. *** سکرجي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ 3 سال اڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي رفيق احمد تنيو جي ڪيس تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڪيس جي فيصلي ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن راهب ۽ هدايت الله تنيو کي عمر قيد ۽ ٻن ٻن لکن جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. فيصلي بعد ٻنهي جوابدارن جيل اُماڻيو ويو آهي. واضح رهي ته سال 2017 ۾ سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن رفيق احمد تنيو کي قتل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو