دنيا جي 70 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس، ايران ۾ 54 هزار قيدي آزاد

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب 77 ماڻهن جي موت بعد 54 هزار قيدين کي جيلن مان آزاد ڪيو ويو آهي. ايراني عدليه جي ترجمان غلام حسين اسماعيلي صحافين کي ٻڌايو ته جن قيدين کي 5 سال سزا آهن انهن کي آزاد انهي ڪيو ويو پر گهٽ سزائن ۽ ننڍن ڏوهن ۾ قيد قيدي ضمانت تي آزاد ڪيا ويا آهن جيئن ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪي سگهجي. ايران ۾ 2500 کان وڌيڪ ماڻهو جن ۾ نائب صدر به شامل آهي وائرس ۾ مبتلا آهن. سپريم ليڊر جي مشير محمد محمدي ۽ پارليمان جي ميمبر محمد علي رمضاني وفات ڪري چڪا آهن. بي بي سي جي رپورٽ موجب دنيا جي 70 ملڪن ۾ هي وائرس ڦهلجي چڪو آهي ۽ 90 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ان جو شڪار ٿيا آهن،

هن مهل تائين 3000 کان مٿي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ اٽلي آهي جنهن ۾ به 2000 کان مٿي ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو