جنرل ڪياني جي ڀاءُ پاران نيب جا الزام رد، عدالت ۾ درخواست

لاهور (ويب ديسڪ) اڳوڻي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي ڀاءُ ڪامران ڪياني لاهور هاءِ ڪورٽ م داخل ڪيل درخواست ۾ چيو آهي ته نيب سندس خلاف غيرقانوني ڪاروائي ڪندي کيس اشتهاري قرار ڏنو آهي. ايڊوڪيٽ نديم ڪوثر معرفت داخل ڪيل درخواست ۾ هن نيب جا الزام رد ڪندي ضمانت جي منظوري جي عدالت کي گزارش ڪئي آهي. ڊي ايڇ اي سٽي جي اربين روپين جي اسڪينڊل ۾ نيب هن کي ملزم نامزد ڪندي  اشتهاري قرار ڏنو هو. هن ڪيس ۾ برگيڊيئر (ر)خالد نذير بٽ ۽ حماد ارشد تي اڳ ۾ ئي فرد جرم عائد ڪئي وئي هئي. هنن جي ڪمپني ماڻهن کان ساڍا 15 ارب روپيا وصول ڪيا پر زمين حاصل نه ڪئي هئي. ملزمن اها رقم نجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري ٻين ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو