ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته 28هين ترميم جيڪڏهن بهتري جي لاءِ ٿئي ته پيپلز پارٽي ضرور انهي جي حمايت ڪندي.پاڪستان فرسٽ فرنيچر ٽريڊ شو جي ٻئي ڏينهن بطور مهمان خصوصي شرڪت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته گذريل سال فرسٽ ايڪسپو آزادي جي نالي سان سجايو ويو، ٻئي ايڊيشن جو نالو علامه اقبال سان جڙيل آهي. سمورن ادارن کي گهرجي ته واپارين سان تعاون ڪن. سموري دنيا جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ ۾ فرنيچر جون قيمتون گهٽ آهن، اسان جو ٺاهيل فرنيچر سموري دنيا ۾ ويندو آهي.هن چيو ته گذريل سال هتي 150 اسٽال لڳايا ويا هئا، هن سال ايڪسپو ۾ 200 اسٽال لڳايا ويا آهن، خوشي جي ڳالهه اها آهي ته مقامي فرنيچر جا اسٽال وڌيڪ آهن. ماڻهن کي گذارش آهي ته اچو ۽ هن ايڪسپو مان فائدو حاصل ڪريو.سعيد غني ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جهڙو وڏو شهر سموري ملڪ کي سنڀالي ٿو، ڪراچي هميشه کان سموري ملڪ مان آيل ماڻهن کي روزگار ڏيندو آهي. جڏهن ڪنهن شهر جي ايتري اهميت هجي ته وفاقي حڪومت جون به ڪجهه ذميواريون بڻجن ٿيون. افسوس سان ڪراچي سان اهو تعاون نٿو ڪيو وڃي. اهو بحث سالن کان هلندو پيو اچي. ڪراچي سان ناانصافي ڪئي ويندي آهي.هن چيو ته جنهن روڊ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اها ريلوي جي زمين هئي، ڪم ته سٺو ٿي رهيو هو، ترقي جو ڪم ٿي رهيو هو، ريلوي هڪ وفاقي ادارو آهي، سرڪاري ادارو آهي، 2 ادارا جڏهن پاڻ ۾ وڙهندا ته ڪم نه ٿيندو. بدقستي سان انهي جهيڙي کي غلط رنگ ڏنو ويو. ويهي معاملن کي حل ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪم جلد ٿئي. ڪي ايم سي ڪچي رستي تي ڪم ڪري ماڻهن جي لاءِ سٺا روڊ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن انهن کي ريلوي جو مسئلو هو ته انهي کي روڊ کي پهريان ئي بند ڪرڻ گهرجي ها، جيڪو ڪجهه انهي واقعي کان پوءِ ٿيو آهي، انهي کي وڌيڪ اڳيان نه وڌائڻ گهرجي.سعيد غني چيو ته حيدرآباد واري روڊ جي اوهان جيڪڏهن تاريخ ڏسو ته پراڻي آهي، وڏي وقت کان روڊ جي تعمير جو فيصلو ڪيو ويو، روڊ تي موجود بجلي جا پول ڪي عام پول نه آهن، اهي روڊ تعمير کان اڳ به استعمال ٿي رهيا هئا، ماڻهن جي سهولت لاءِ روڊ تيار ڪيو ويو پر انهي کي ڌار رنگ ڏنو ويو، اها صورتحال منهنجي تڪ ۾ به ٿي چڪي آهي، انهي وقت به مسئلا ٿيا جنهن جي ڪري تعميراتي ڪم روڪيو ويو، اهي شيون ماضي ۾ به ٿينديون رهيون آهن.هن چيو ته اڃان تائين 28هين ترميم جو ڪوبه پيپر سامهون ناهي آيو جڏهن 28هين ترميم جو پيپر اسان جي سامهون ايندو ته پيپلز پارٽي انهي تي ويهي ڳالهيون ڪندي، جيڪڏهن 28هين ترميم بهتري جي لاءِ هوندي ته پيپلز پارٽي ضرور انهي جي حمايت ڪندي.










