پ پ جي سياست جو محور عوامي خدمت ۽ آئين جي بالادستي آهي

پ پ جي سياست جو محور عوامي خدمت ۽ آئين جي بالادستي آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سياست جو محور عوام جي خدمت، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي آهي، عوام مهانگائي، روزگار ۽ بنيادي سهولتن جهڙن مسئلن جو حل چاهين ٿا، سنڌ حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون ۽ روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته صوبي ۾ صنعتي زونن جي قيام ۽ ٻين قدمن سان عوام کي روزگار جا نوان موقعا ملي رهيا آهن، سنڌ حڪومت صنعتي زونن ۾ سيڙپڪاري لاءِ عالمي سيڙپڪارن کي اڳتي آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي، سنڌ ترقي ڪندي ته پاڪستان جي معيشت به مضبوط ٿيندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورين سياسي جماعتن کي پيپلز پارٽيءَ وانگر سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، سياسي جماعتن کي بيان بازيءَ بدران پنهنجي توجهه عوام کي رليف ڏيڻ ۽ عملي قدمن تي مرڪوز ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته شهيد بي بي جمهوريت، عوامي حقن ۽ مضبوط وفاق لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي، پيپلز پارٽي انهن جي اصولن تي قائم آهي، سنڌ حڪومت عوام کي بهتر سفري سهولتون، ترقياتي منصوبا ۽ بنيادي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي ترجيح اهڙا قدم کڻڻ آهي، جن جا ثمر عام عوام تائين پهچن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو