ڪي پي  ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو محفوظ

ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ٻڌايو ته صوبي جي 23 ضلعن ۾ تڪبنديون مڪمل ٿي چڪيون آهن، جتي ڪميشن پنهنجي حڪم تحت مڪاني چونڊون ڪرائي سگهي ٿو. هن تجويز ڏني ته باقي 16 ضلعن ۾ تڪبندين جو شيڊيول جاري ڪيو وڃي ۽ جتي تڪبنديون مڪمل آهن، اتي چونڊون ڪرائڻ بابت فيصلو ڪيو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جن ضلعن ۾ تڪبنديون مڪمل ٿي چڪيون آهن، اتي چونڊون ڪرائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته خيبرپختونخوا اسيمبلي قانون ۾ ترميم ڪري چونڊ تڪن لاءِ آباديءَ جي حد وڌائي ڇڏي، جنهن سبب تڪبندين جي عمل ۾ پيچيدگيون پيدا ٿيون. هن سوال ڪيو ته ايمرجنسي لاڳو هجڻ باوجود چونڊون ڪرائڻ ۾ رنڊڪ ڇو هجڻ گهرجي؟ دنيا ۾ جنگين ۽ ايمرجنسي دوران به چونڊون ٿينديون رهيون آهن. خيبرپختونخوا جي قانون واري صلاحڪار عامر جاويد موقف اختيار ڪيو ته صوبي ۾ امن امان جي خراب صورتحال چونڊن جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ آهي ۽ سڄي صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي. هن چيو ته صوبي جي 36 ضلعن مان 12 ۾ آئين جي آرٽيڪل 140-اي جو اطلاق نٿو ٿي سگهي، تنهنڪري اتي مڪاني حڪومتن جو نظام لاڳو نٿو ٿئي. هن موجب انهن 12 ضلعن مان ڇهن ۾ تڪبنديون نه ٿيون آهن، جڏهن ته باقي 24 ضلعن مان 16 ۾ تڪبنديون مڪمل ٿي چڪيون آهن. صوبائي اسيمبليءَ ۾ خانگي بل ذريعي قانون ۾ ترميم ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ موجوده قانون ۾ ابهام پيدا ٿيو آهي. قانون واري صلاحڪار چيو ته صوبائي حڪومت هاڻي قانون ۾ وڌيڪ ترميم نٿي ڪري سگهي ۽ هر ترميم قومي اسيمبليءَ ڏانهن موڪلڻي پوندي. هن امن امان جي صورتحال کي مڪاني چونڊن ۾ بنيادي رنڊڪ قرار ڏنو. چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ سبب چونڊون نٿيون ٿي سگهن؟ جيڪڏهن عام نوعيت جي ايمرجنسي چونڊن تي اثرانداز نٿي ٿئي ته اتي پولنگ ڪرائي سگهجي ٿي. اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ارشد خان چيو ته جن ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي، اتي امن امان جو مسئلو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن جو ووٽ وجهڻ لاءِ اچڻ ۽ پولنگ عملي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ڏکيو ٿيندو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته قانون ۾ يونين ڪائونسلن جو انگ به مقرر آهي ۽ آباديءَ جي حد به وڌائي وئي آهي. جيڪڏهن قانون جي ٻنهي گهرجن تي عمل ممڪن ناهي ته اليڪشن ڪميشن ڇا ڪري سگهي ٿي؟ ان تي اسپيشل سيڪريٽري چيو ته ڪميشن وٽ اهو مسئلو حل ڪرڻ جو اختيار آهي، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر به اتفاق ڪيو. سڪندر سلطان راجا چيو ته صوبائي حڪومت ۽ موجوده سياسي نظام چونڊون ڪرائڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن. عوام سمجهي ٿو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون نٿي ڪرائڻ چاهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سياسي جماعتون مڪاني چونڊون ڪرائڻ نٿيون چاهين. هن چيو ته اسلام آباد ۾ به وفاقي حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ نٿي چاهيون، پر اليڪشن ڪميشن اتي چونڊن جو اعلان ڪيو. ٻين صوبن ۾ به اهڙي نوعيت جا مسئلا موجود آهن. جيڪڏهن قومي اسيمبلي قانون ۾ ٻيهر ترميم ڪئي ته ڪميشن ان معاملي جو به جائزو وٺندي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد چيو ته ڪميشن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهجي. اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو