اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊون ۽ عالمي معيشت تي اثر

اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊون ۽ عالمي معيشت تي اثر

نديم علي خواجه
27 آڪٽومبر تي اسرائيل ۾ عام چونڊون ٿي رھيون آھن، وزير اعظم نيتن ياھو جي اھا ئي ڪوشش ۽ خواھش آھي ته ھو ستون ڀيرو اسرائيل جو وزير اعظم چونڊجي اچي، انھي کان اڳ ھو 6 ڀيرا وزير اعظم ٿي چڪو آھي، اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياھو کي آمريڪا جي مڪمل حمايت پڻ حاصل آھي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اھو ئي چوڻ آھي ته اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياھو سندس بھترين اتحادي آھي، ۽ آمريڪي حڪومت کي ھن تي مڪمل ڀروسو آھي، تنھنڪري ھو نيتن ياھو کي ئي ملڪ اسرائيل جو وزير اعظم ڏسڻ چاھين ٿا، ھن وقت اسرائيل دنيا جو ھڪ ڇڪتاڻ وارو ملڪ بڻجي ويو آھي، جنھن جو خاص سبب اھو آھي ته ھو ڪيترن ئي ملڪن سان جنگ ڪرڻ ۾ مصروف آھي، انھن ملڪن ۾ ايران، غزا ۽ لبنان شامل آھن، غزا ۾ ھن جيڪو ظلم ڪيو آھي، تنھن انسانيت جو ڪنڌ ئي شرم کان جھڪائي ڇڏيو آھي، بيگناھ فلسطينين کي شھيد ڪرڻ سندس معمول بڻجي چڪو آھي، اسلامي ملڪن سميت انساني حقن جي تنظيمن ۽ اقوام متحده پڻ اسرائيل جي اھڙي عمل جي مذمت ڪري چڪا آھن، پر اسرائيل کي ڪنھن جي به پرواھ نه آھي، ڇوته کيس عالمي سپر پاور آمريڪا جي مڪمل حمايت حاصل آھي، پاڪستان اسرائيل کي اڃان تائين تسليم نه ڪيو آھي، ڇوته پاڪستان جو عالمي سطح تي اھو ئي موقف آھي ته جيستائين فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪندي اسرائيل غزا ۽ فلسطين جا علائقا خالي نه ڪندو، تيستائين کيس تسليم نه ڪيو ويندو، پاڪستان سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جو موقف مضبوط آھي، جڏھن ته اڪثر اسلامي ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري آھن، اسرائيل جيڪا به پاليسي ٺاھي ٿو، اھا خطي ۾ اثر پيدا ڪري ٿي، ھن وقت اسرائيل ۾ جيڪا اليڪشن ٿي رھي آھي، اھا يقينن عالمي توجھ جو مرڪز بڻجي ويئي آھي، عالمي ميڊيا موجب ھن وقت وزير اعظم نيتن ياھو جي پوزيشن ڪمزور نظر اچي رھي آھي، اسرائيلي پارليامنٽ ۾ ھن وقت 120 سيٽون آھن، تجزيه نگارن جو خيال آھي ته ھن وقت ڪنھن به پارٽي جي لاء 61 سيٽون کٽڻ مشڪل نظر اچي رھيو آھي، انھي لاء اھو ئي اندازو لڳايو پيو وڃي ته جيڪا به حڪومت ٺھندي، تنھن کي ننڍين سياسي پارٽين جي حمايت جي ضرورت پوندي، مقبوضه مغربي ڪنارا، مشرقي يروشيلم ۽ غزا ۾ رھندڙ فلسطينين جي اڪثريت اسرائيلي شھري جو درجو نٿي رکي، تنھنڪري ھو اسرائيل جي ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اھل نه آھي، جڏھن ته مقبوضه علائقن ۾ رھندڙ اسرائيلي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگھن ٿا، ٻئي طرف اسرائيل اندر موجود فلسطين جي نمائندگي ڪندڙ عرب پارٽين کي اليڪشن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ھئي، پر اسرائيلي سپريم ڪورٽ پاران نيتن ياھو جي پابندين واري حڪم نامي کي مسترد ڪيو ويو آھي، تنھنڪري عرب پنھنجو ووٽ استعمال ڪري سگھن ٿا، اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياھو جي پارٽي ليڪوڊ پارٽي جو اھو ئي منشور رھيو آھي تي ڪنھن به صورت ۾ فلسطين کي آزاد رياست تسليم نه ڪيو ويندو، جڏھن ته غزا جنگ ۽ جنگي ڏوھن ۾ ملوث ھجڻ سبب وزير اعظم نيتن ياھو تي بين الاقوامي عدالت گرفتاري جا وارنٽ پڻ جاري ڪري چڪي آھي، نيتن ياھو جي ليڪوڊ پارٽي حماس کي غير مسلح ڪرڻ ۽ لبنان ۾ سيڪيورٽي زون بحال ڪرڻ جي حمايت ڪري رھي آھي، ھڪ سروي موجب اسرائيل جي سابق چيف آف آرمي اسٽاف جي سياسي پارٽي ياشار پارٽي پڻ اليڪشن ۾ ڀرپور طور حصو وٺي رھي آھي، ۽ سندس پوزيشن پڻ مضبوط ٻڌائي پئي وڃي، ھتي اھو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري آھي ته اھا پارٽي صرف ھڪ سال اڳ ٺاھي ويئي ھئي، جيڪا ھڪ سال اندر اسرائيل جي ھڪ وڏي سياسي پارٽي بڻجي ويئي آھي، ھڪ سياسي اڳواڻ يائرن گولان جي پارٽي ڊيموڪريٽس پارٽي پڻ فلسطينين جي قتل عام تي تنقيد ڪندي رھي آھي، ھو مغربي ڪناري کي اسرائيل ۾ شامل ڪرڻ جي مخالفت رھي آھي، جڏھن ته ھو ماضي ۾ نيتن ياھو جي اتحادي پڻ رھي آھي، مگر ڪجھ وقت اڳ سندس پارٽي انھي اتحاد کان علحيدگي اختيار ڪري چڪي آھي، جوانسٽ لسٽ اسرائيل ۾ عرب پارٽين جو ھڪ اتحاد آھي، اھو اتحاد ٽن پارٽين حدث، تعال ۽ بلد تي مشتمل آھي، جوانسٽ لسٽ پڻ غزا ۾ اسرائيلي ڪاروائين جي مخالفت رھيو آھي، ھي اتحاد ٻڻ رياستن جو حمايتي آھي، سندس اھم مقصد نيتن ياھو جي حڪومت کي اسرائيل ۾ ٻيھر ٺاھڻ کان روڪڻ آھي، ھن وقت اسرائيل جي جنگي جنون سبب عالمي معيشت تي خراب اثر پئجي رھيا آھن، دنيا جي مختلف ملڪن خاص ڪري يورپي ملڪن ۾ مھنگائي، بيروزگاري ۽ خراب معيشت سبب احتجاج زور وٺي رھيا آھن، آمريڪا پڻ مھنگائي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آھي، عرب ملڪ پڻ اسرائيلي جارحيت خلاف متحد ٿي فلسطين جي حمايت ڪري رھيا آھن، دنيا جون نظرون ھن وقت اسرائيل جي اليڪشن تي آھن، جيڪڏھن نيتن ياھو ٻيھر اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ويو ته يقينن عالمي معيشت لاء ھڪ ڀيرو ٻيھر خطرو پيدا ٿي سگھي ٿو، جنھن جي لپيٽ ۾ آمريڪا ۽ عرب رياستن سميت ڪيترائي ملڪ اچي سگھن ٿا، دنيا ۾ ھڪ خطرناڪ ۽ نه ختم ٿيندڙ معاشي بحران جنم وٺي سگھي ٿو، جنھنکي ختم ڪرڻ لاء شايد صديون لڳي سگھن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو